نسلا ٽاور ڪيس ۾ منظور ڪاڪا سميت 27 جوابدار بري

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي اينٽي ڪرپشن عدالت نسلا ٽاور جي غيرقانوني زمين الاٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي ڊي جي ايس بي سي اي منظور ڪاڪا سميت 27 جوابدارن کي ثبوت نه هجڻ تي بري ڪري ڇڏيو. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته پراسيڪيوشن الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. جوابدارن تي واڌو زمين غيرقانوني الاٽ ڪرڻ ۽ رشوت وٺڻ جا الزام هئا. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نسلا ٽاور کي ڊاٿو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.