ٿر ڪول رٿا سان ٿر ۾ ترقي نه پر تباھي ٿي آھي: سماج سڌارڪ

حيدرآباد(رپورٽر)  ٿر واسين، سماج سڌارڪ اڳواڻن ٿر جي دردن جي نشاندهي ڪندي چيو آھي ته  ٿر ڪول واري رٿا سان ٿر ۾ ترقي نه پر تباھي ٿي آھي ماڻھون پنھنجن زمينن تان بي دخل ڪيا ويا آھن  ٿري خاندانن جي زمينن تي والار ٿي آھي  ٻيھر آبادڪاري جي نالي ۾ لڏپلاڻ، ، صحت، تعليم، روزگار صحت لاءِ  ھاڃيڪار پاڻي واپرائڻ سبب ھزارين ماڻھو بيمارين ۾ مبتلا ٿيندي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آھن ، مقامي ڪميونٽي، ڪمپني ۽ حڪومت کي  درپيش مسئلن  جي ترت حل لاءِ  تڪڙا ۽ اثرائتا اپاءَ وٺڻ  گھرجن ان سلسلي ۾ ٿرڪول سبب متاثر ٿيندڙ اصلوڪن ماڻهن ۽ لاڳاپيل ڪول رٿا وارن علائقن ۾ پوندڙ ماحولياتي، سماجي ۽ معاشي اثرن جي عوامي جائزي ۽ مقامي شڪايتن جي ازالي واري نظام (جي آر ايم) بابت پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار ايڪوئيٽيبل ڊولپمينٽ (پرائيڊ) طرفان ڪالهھ  حيدرآباد جي مقامي ھوٽل جي ھال ۾ پروگرام  ٿي گذريو. ان موقعي تي ريسرچ اسڪالرز آمنہ شھاب، منظور احمد اچڪزئي، مھوش لغاري ٿرڪول سان لاڳاپيل ماڻھن، ملڪيتن سميت ھر قسم جي مسئلن جي ازالي لاءِ پنھنجي انگن اکرن سان تيار ڪيل تحقيقي پريزنٽيشن پيش ڪئي. پروگرام ۾ ٿرڪول متاثر مقامي برادرين جي نمائندن، سول سوسائٽي جي ڪارڪن، واسطيدار سرڪاري عملدارن ۽ صنعت سان لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ سماجي اڳواڻن پشپا ڪماري، ايڇ آر سي پي جي غفرانہ آرائين، سيما مھيشوري، ڪاشف صديقي، مصطفي ميراڻي، ليلا رام، عزيز ھاليپوٽو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تہ ٿر جي عوام کي درپيش اهم مسئلن جهڙوڪ زمينن جي معاوضي جا طريقا، ماحولياتي خطرا ۽ صحت سان لاڳاپيل خدشا موجود آھن. گڏوگڏ هڪ شفاف ۽ سڀني لاءِ رسائي لائق ازالي واري نظام کي آڻڻ جي ضرورت آھي ته جيئن مقامي آبادين جو موقف سامھون اچي سگهي ۽ ڪوئلي جي منصوبن سان لاڳاپيل فيصلا وڌيڪ شفاف  بڻجي سگهن. ھنن چيو ته ٿرڪول ٿر جي ترقي جو منصوبو نه پر تباھي ۽ بربادي جو منصوبو آھي، سڄي دنيا ۾ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ وارا منصوبا بند ڪيا ويا آھن پر ھتي ڪوئلي مان بجلي منصوبن تي ڪم ڪري ظاھري طور ته ترقي جو نالو سامھون اچي رھيو آھي پر ان جي پس منظر ۾ ڪوئلي وارا علائقا ۽ ماڻھو سخت متاثر ٿيا آھن. ھنن چيو ته ملڪ ۾ ماحول دوست توانائي جا بي پناھ وسيلا موجود آھن. انھن تي ڪم ڪرڻ گھرجي. ھنن چيو ته ترقي جي نالي ۾ ٿر جي ماڻھن کان پيئڻ جي پاڻي، زرخيز زمين، وڻ ٽڻ ۽ ساھ کڻڻ جي صاف ھوا به کسي وئي آھي. ڪوئلي جي پلانٽس مان نڪرندڙ رک ڳوٺن ۾ ماڻھن جو سک سان ساھ کڻڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آھي. اھا ترقي نه پر تباھي آھي. ٿر ھاڻ ھڪ روشن ٿر خواب نه پر ڀيانڪ خواب بڻجي سامھون اچي رھيو آھي. ھنن چيو ته ٿر ڪول جي بلاڪ ون ۽ ٽو جي ماڻھن کي ماحولياتي، سماجي ۽ معاشي شڪايتون آھن. جن کي ٻڌڻ ۽ ازالو ڪرڻ لاء ڪوبه موثر طريقيڪار موجود ناھي. صحت لاءِ ھاڃيڪار پاڻي پيئڻ سبب ٿر جا ماڻھو بيمارين ۾ مبتلا ٿيندي موت جو شڪار ٿي رھيا آھن. ماڻھن کي زمينن جو معاوضو انتھائي گھٽ ڏنو ويو آھي. نوڪرين، تعليم ۽ صحت جا بنيادي حق نه ملي سگھيا آھن. مائيننگ جو زھريلو پاڻي گوڙاڻو ڊيم ۾ ڇوڙ ڪرڻ سان جاني توڙي مالي نقصان پڻ ٿي  رھيو آھي، کنوڻ ڪرڻ جا ڪھڙا ڪارڻ آھن، ان بابت اھم ادارن تحقيق به ڪئي آھي پر اھي تحقيقي رپورٽس منظر عام تي نه اچي سگھيون آھن. ھنن حڪومت ۽ ٿر ڪول ڪمپني تي زور ڀريو ته ٿرڪول بلاڪن سان لاڳاپيل ماڻھن جي مسئلن جي حل لاءِ موثر نظام طريقيڪار جوڙيو وڃي، جنھن سان ماڻھن جون آساني سان شڪايتون ٻڌي انھن جو ازالو ڪري سگھجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.