پهريون قدم پاڪستان کنيو، جنهن کين امن جي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪيو، پوءِ ڪمبوڊيا به پاڪستان جي تقليد ڪئي، ۽ هاڻي آرمينيا ۽ آذربائيجان به سندن نالو اڳتي وڌايو آهي. صدر ٽرمپ جي اها خواهش ڪا خراب ڳالهه ناهي، بلڪه شڪر آهي خدا جو، جو سندن ذهن تي هڪ اهڙي خيال جو غلبو ٿيو، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ هڪ نيڪ ارادي سان جڙيل آهي. جيڪڏهن سندن ذهن ڪنهن ٻئي رخ تي لڳي وڃي ها، ته ڪيترن ئي ملڪن جو جيئڻ جنجال ٿي سگهي ها. ٽرمپ جي طبيعت سيماب صفت آهي ـ لمحن ۾ دوست کي دشمن ۽ دشمن کي دوست قرار ڏئي ڇڏين ٿا، تنهن ڪري جيڪڏهن هو غلط طرف نڪري وڃن ها، ته دنيا ۾ ڪنهن وڏي فتني ۽ فساد جو سبب بڻجي سگهن ها. جنهن ريت ماضيءَ ۾ پهلوانن کي رنگ ۾ لاهي، زور آزمائي ڪرائي ويندي هئي، ساڳي ريت هو ملڪن کي به هڪ ٻئي سان ويڙهائي سگهن ها. ان پسمنظر ۾، شڪر آهي ته هن وقت سندن ذهن ۾ امن جو نوبل انعام سمايل آهي.
پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ ۾، جتي هندستان شڪست کائي رهيو هو، اتي جنگبندي ڪرائڻ نسبتاً آسان ڪم هو. ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ جهڙا ننڍا ملڪ، جن جو تڪرار گهڻو گهاٽو نه هو، اتي به هو آساني سان جنگبندي ڪرائي سگهيا. آذربائيجان ۽ آرمينيا به سالن کان ڇڪتاڻ مان ٿڪجي پيا هئا، تنهن ڪري کين هڪ ميز تي آڻڻ ۾ ٽرمپ کي گهڻي محنت نه ڪرڻي پئي. پر روس ۽ يوڪرائين جو مسئلو ان کان ڪيترو مختلف آهي. ذاتي تعلق هوندي به، ٽرمپ روسي صدر ولاديمير پيوٽن کي پنهنجي مرضيءَ ۾ آڻڻ سولو ڪم نه ٿو ڪري سگهن. ٻئي طرف يوڪرائين جو موقف سخت آهي، ۽ يورپي يونين جي مڪمل حمايت به ان سان گڏ آهي. اهي ته اهي سبب آهن، جيڪي ٽرمپ کي نوبل انعام جي منزل ڏي وٺي سگهن ٿا، پر نيتن ياهو، يعني اسرائيل جي بي پناهه حمايت، سندن رستي ۾ سڀ کان وڏو روڪ بڻيل آهي.
اسرائيل طرفان فلسطين ۾ ظلم ۽ جبر جي جيڪا نئين تاريخ رقم ٿي آهي، اها ايتري ته خوني ۽ بي رحم آهي، جو هاڻي ته خود اسرائيلي سماج جو هڪ حصو به شرم محسوس ڪرڻ لڳو آهي. غزه کي ملبو بڻايو ويو آهي، اتي معصوم ٻار ته ڇا، صحافي به بک ۽ پياس سان مري رهيا آهن. نيتن ياهو نه عالمي برادريءَ جي ڳالهه ٻڌي، نه عالمي عدالت انصاف جي فيصلي جو اثر ورتو، نه ئي گڏيل قومن ۽ ريڊ ڪراس جي اپيلن تي ڪن ڌريا. سندس ذهن تي بس وحشت ۽ ظلم جو جنون سوار آهي، ۽ هو سفاڪيءَ سان مظلوم فلسطيني عوام جو وجود مٽائڻ ۾ لڳل آهي. حل ته پري جي ڳالهه، ٽرمپ ان کان جنگبندي به نه ڪرائي سگهيا، ۽ نه ئي ان بابت ڪابه سخت ناراضگي ظاهر ڪئي، جيئن هندستان سان ڪئي هئي. آمريڪا ڪالهه به اسرائيل جو ساٿي هو ۽ اڄ به آهي. امداد هجي يا هٿيار، هر صورت ۾ آمريڪا اسرائيل جي پشت پناهي ڪري رهيو آهي. حقيقت ۾، اسرائيل جي اها سڄي چوهڏراهٽ آمريڪا جي ئي مرهونِ منت آهي. جيڪڏهن آمريڪي حمايت نه هجي ها، ته اسرائيل نه ماضيءَ جون ڪاميابيون حاصل ڪري سگهي ها، نه ئي اڄ غزه تي هي وحشيانه ظلم جاري رکي سگهي ها.
ٽرمپ چاهي ڪيتريون ئي ڪوششون ڪن، پر جڏهن هو نيتن ياهو جهڙي وحشي شخص جي سرپرستي جاري رکن ٿا، ته پوءِ امن جو نوبل انعام کين ڪيئن ملي سگهي ٿو؟ هو چئي سگهن ٿا ته کين حماس ۽ اسرائيل جي موقف ۾ انتهاپسندي سبب مشرقِ وسطىٰ ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ ڪاميابي نه ملي، يا اهو ته نيتن ياهو سندن ڳالهه نه مڃي. پر پوءِ سوال اٿندو ته جيڪڏهن نيتن ياهو ڳالهه نه مڃي، ته پوءِ به ڇو سندس سرپرستي جاري رکي ويئي؟ غزه بابت ٽرمپ جا ڪجهه بيان به انتهائي بي حسيءَ وارا هئا، ۽ ايران تي حملي ۾ به آمريڪا پاڻ شامل ٿي اسرائيل کي مدد ڏني. اهڙي صورتحال ۾، ٽرمپ پنهنجي پاڻ کي اسرائيل کان لاتعلق نه ٿو ڪري سگهي. جيستائين هو اسرائيل جي حمايت جاري رکندا، تيستائين جيڪڏهن هو دنيا ۾ هر هنڌ امن به آڻي ڇڏين، تڏهن به رڳو اسرائيل جي بي چون و چرا سرپرستي، کين نوبل انعام کان نااهل بڻائڻ لاءِ ڪافي سبب هوندو. جيڪڏهن اهڙي صورتحال ۾ کين نوبل انعام ڏنو ويو، ته اهو انعام پاڻ به پنهنجي وقار کان محروم ٿي مذاق بڻجي ويندو.
جيڪڏهن صدر ٽرمپ واقعي امن جي نوبل انعام جا حقدار بڻجڻ چاهين ٿا، ته پهرين فرصت ۾ فلسطين ۽ اسرائيل جي مسئلي ڏانهن سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏين. روس ۽ يوڪرائين جي جنگ ۾ هڪ مهيني ۾ جيترا ماڻهو مرن ٿا، غزه ۾ هڪ ڏينهن ۾ اوترا مارجي وڃن ٿا. نيتن ياهو جا پيش ڪيل فارمولا ته خود اسرائيل اندر به غيرعملی سمجهيا وڃن ٿا. تنهن ڪري، ٽرمپ کي گهرجي ته هو اسرائيل تي مضبوط دٻاءُ وجهن ۽ اهڙو فارمولو تيار ڪرائن، جيڪو فلسطيني عوام کي به عزت سان امن ۽ آزاديءَ سان جيئڻ جو حق ڏئي. خواهش ته سندن پنهنجي جاءِ تي آهي، پر هن عاجز جي راءِ ۾، ڪنهن به اهڙي شخص کي امن جو نوبل انعام ڏيڻ، جيڪو هر حال ۾ اسرائيل جو ساٿي هجي، ان اعزاز جي توهين هوندي. جيڪڏهن ٽرمپ واقعي نوبل انعام جا مستحق بڻجڻ چاهين ٿا، ته غزه ۾ مستقل جنگبندي ڪرائن ۽ اهڙو آبرومندانه حل آڻين، جيڪو سڀني ڌرين لاءِ قابلِ قبول هجي. اڄ لاءِ کين سڀ کان پهرين اسرائيل ۽ فلسطين جي مسئلي جي مستقل حل ڏانهن متوجهه ٿيڻ گهرجي.