فيلڊ مارشل سان پهرين ملاقات

تحرير: سهيل وڙائچ

يار دوستن جو حال ته توهان ڄاڻو ٿا، افواهه اڏڻ ۾ اهي ڪنهن کان گهٽ ناهن. هڪ اڳوڻو ايڊيٽر ته آمريڪا ۾ ويهي سال اڳ هيءَ وڊيو دعويٰ ڪري ڇڏيو هو ته هن عاجز جي ذريعي نواز شريف ۽ جنرل عاصم منير جي جلاوطنيءَ واري ڏينهن ۾ ملاقات ۽ ڊيل ٿي آهي! عجيب ڳالهه ته هڪ اڳوڻو وزيراعليٰ پنجاب ۽ سندس "قابل” پٽ به ساڳي خبر کي اُڏائڻ ۾ اڳڀرا هئا، حالانڪه حقيقت اها هئي ته ان وقت تائين مون جنرل عاصم منير کي رڳو ٽي وي اسڪرين تي ئي ڏٺو هو، سامهون ڪڏهن به نه.

جنرل عاصم جڏهن کان آرمي چيف بڻيا آهن، تڏهن کان ئي سندن باري ۾ تعريفون به ٻڌجن ٿيون ۽ تنقيدون به. وزيراعظم شهباز شريف هڪ ملاقات ۾ مون کي 1985 کان پوءِ ايندڙ سڀني فوجي سربراهن جو تقابلي جائزو پيش ڪندي چيو هو ته جنرل عاصم سڀني کان مختلف ۽ وڌيڪ بهتر آهن. شهباز شريف ٻڌايو ته سندن سڀ کان نمايان خوبي اها آهي ته هو نه ته سياسي چالبازين ۾ ڦاسن ٿا، نه ئي ٻنهي پاسن تي کيڏن ٿا، بس سڌي ريت ڳالهه ڪن ٿا. اهڙي ريت منهنجو پراڻو دوست محسن نقوي به هر ملاقات ۾ جنرل صاحب جي خوبيون ٻڌائيندو هو. نقوي خاموش مزاج ماڻهو آهي، رازن کي دل ۾ دفن ڪري رکندو آهي، پر سندس چهري تي ڪڏهن ڪڏهن طوفان ظاهر ٿي پوندا هئا، جيتوڻيڪ زبان خاموش رهندي هئي.

مون صحافيءَ واري تجسس سان بار بار نقوي کي چيو ته جنرل صاحب سان ملاقات ڪرائي ڏي. هو کلندي چوندو: "مون پيغام پهچايو آهي، پر جنرل صحافين سان ملڻ نٿو چاهي.” هڪ ڀيري ته اسلام آباد ۾ ساڻس ٿورو تکو بحث به ٿي ويو ته تون منهنجو پيغام پهچائيندو ئي نه آهين. ٻئي ڏينهن نقوي ٻڌايو ته "تنهنجو خط ۽ پيغام جنرل کي ڏنو اٿم، هن مسڪرايو ۽ چيو ته اها ڳالهه آءِ ايس آءِ جي سربراهه جنرل عاصم ملڪ کي ڏيو.” مون کي يقين نه آيو، پر ڪجهه ئي وقت پوءِ صدارتي محل ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم کي اعزاز ڏيڻ جي تقريب ۾ جنرل عاصم سان پهرين دعا سلام ٿي. هن نه رڳو منهنجي پيغام جو ذڪر ڪيو پر اهو به چيو ته جلد ملاقات ٿيندي.

 

بالاخر اها پهرين ملاقات بيلجيم جي شهر برسلز ۾ ٿي. اها ڪا لڪل ملاقات نه هئي، بس هڪ عاجز صحافيءَ ۽ فيلڊ مارشل جي کليل ويهڪ هئي. منهنجا تيز سوال هئا ۽ سندن صاف ۽ واضع جواب. ڳالهه سياست کان شروع ٿي، خاص ڪري انهن افواهن تي ته صدر ۽ وزيراعظم کي هٽائڻ لاءِ رٿابندي ٿي رهي آهي. جنرل عاصم ٻن ڪلاڪن جي نشست ۽ جلسي ٻنهي ۾ واضع ڪيو ته اهڙيون سڀ ڳالهيون ڪوڙ آهن. جڏهن پڇيو ويو ته اهي افواهه ته سول ۽ عسڪري ادارن مان ئي نڪرن ٿيون، ته هو کلندي چيائين: "نه، ائين ممڪن ناهي. اصل ۾ اهي ڳالهيون سياسي انارڪي پيدا ڪندڙ عنصرن جو ڪم آهن.” هن پنهنجي مقصدن بابت اسٽيج تي بيهي چيو: "الله مون کي ملڪ جو محافظ بڻايو آهي. ان کان سواءِ مون کي ڪنهن به عهدو يا منصب جي خواهش ناهي. مان هڪ سپاهي آهيان، منهنجي سڀ کان وڏي تمنا شهادت آهي.” جنرل بار بار سياسي حڪومت جي ڪم کي ساراهيندو رهيو، خاص ڪري وزيراعظم شهباز شريف جي 18 ڪلاڪن جي محنت ۽ جنگي حالتن ۾ ڪابينا جي حوصلي کي واکاڻيندو رهيو.

سياست بابت هن چيو ته حقيقي مصالحت رڳو توبهه ۽ معافي سان ممڪن آهي. هن قرآن پاڪ مان حضرت آدم جي تخليق ۽ ابليس جي ڪهاڻيءَ جا حوالا ڏنا، جتي فرشتن معافيءَ سان قبول ڪيا ۽ ابليس انڪار ڪري شيطان بڻجي ويو.

معاشي بحران بابت جنرل وٽ تفصيلي روڊ ميپ هو، جنهن تحت پنجن کان ڏهن سالن ۾ پاڪستان کي خوشحال ملڪن جي صف ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪيائين. خاص طور ريڪوڊڪ مان هر سال ٻه ارب ڊالر کان وڌيڪ آمدنيءَ جو ذڪر ڪندي چيائين ته هي ملڪ پنهنجو قرض به لاهي سگهندو.بين الاقوامي سياست ۾ جنرل واضع ڪيو ته پاڪستان چين ۽ آمريڪا ٻنهي سان توازن برقرار رکندو: "اسان هڪ دوست لاءِ ٻئي کي قربان نه ڪنداسين.” صدر ٽرمپ بابت چيائين ته سندس امن واري خواهش حقيقي هئي ۽ پاڪستان ئي سڀ کان پهرين کيس نوبل انعام لاءِ نامزد ڪيو. برسلز ۾ جلسي دوران جنرل عاصم ڀارت ۽ مودي جي هندوتوا پاليسين کي بي نقاب ڪيو ۽ افغان حڪومت کي به خبردار ڪيو ته پاڪستان ۾ طالبان ڌڪڻ جي ڪوشش بند ڪئي وڃي، نه ته هر هڪ شهيد جو بدلو وٺبو. هن ڪانفرنس جو انتظام اوورسيز پاڪستانيز فائونڊيشن جي سربراهه سيد قمر رضا شاهه ۽ منهنجي دوست سردار ظهور ڪيو هو. يورپ ڀر کان سوين اوورسيز پاڪستاني شريڪ ٿيا، جتي جنرل عاصم جو فاتح جيان استقبال ٿيو.

جنرل عاصم ذاتي طور تي تڪبر کان ڪوهين ڏور آهي. عام طور حڪمران ۽ جرنيل ماڻهن کان پري رهندا آهن، پر هو ٻن ٽن سو ماڻهن سان هٿ ملائيندو رهيو، تصويرون ڪڍرائيندو رهيو ۽ هر هڪ سوال جو مختصر جواب ڏيندو رهيو. سندس چهري تي بيزاري نه هئي، بلڪه مسڪراهٽ هئي. ڪنهن چيو ته ائين ڪرڻ بدانتظامي آهي، پر هو چيائين: "اهي ماڻهو پري کان آيا آهن، مان ڪيئن سندن دل ٽوڙيان؟” ۽ پوءِ جيستائين آخري اوورسيز پاڪستاني سان ملاقات نه ٿي، هو بيٺو رهيو. هڪ سياسي ورڪر منهنجي ڪن ۾ چيو: "اهڙو حوصلو ته سياسي اڳواڻن وٽ به ناهي.”فيلڊ مارشل سان اها ملاقات منهنجي لاءِ اهم انڪري هئي جو ان ۾ هڪ صاف پيغام مليو: "سول نظام کي هلڻ ڏيو، ان کي وڌيڪ نمائنده بڻايو، مصلحت ۽ مصالحت سان ملڪ کي مستحڪم ڪيو.”

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.