ڊمپر حادثن ۾ شهرين جي فوت ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊمپرن جي ايڪسيڊنٽ سان ڪراچي جي شهرين جي فوت ٿيڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي، درخواست ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ، گهرو کاتي واري سيڪريٽري، آءِ جي پوليس سنڌ ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو، درخواستگذار اشرف جبار جو چوڻ هو ته  اختيارين تي سنڌ صوبي جي شهرين جي خدمت ڪرڻ آئيني ذميواري آهي، درخواستگذار جو چوڻ هو ته صوبي ۾ پاڻي جي فراهمي، سيوريج، روڊن جي تعمير ۽ امن امان سان لاڳاپيل پنهنجا فرض ادا نه ڪري سگهيا آهن ، ڌريون صوبي ۾ پاڻي جي فراهمي، سيوريج، روڊن جي تعمير ۽ امن امان سان لاڳاپيل پنهنجا فرض ادا نه ڪري سگهيا آهن، درخواستگزار داخل درخواست ۾ چيو آهي ته ڌريون شهرين کي ڊمپر مافيا کان بچائڻ ۾ ناڪام ٿيون، 600 کان وڌيڪ موت ان جو ثبوت آهن، درخواستگذار داخل درخواست ۾ چيو آهي ته فوت ٿيل شهرين جي خاندانن جي بدران سرڪاري عملدار ڊمپر مافيا سان ملن ٿا ، ڊمپر ڊرائيورن جي اڪثريت پاڪستاني نه آهي ۽ اهي پاڪستاني قانونن تي عمل نٿا ڪن، 10 آگسٽ تي، راشد منهاس روڊ تي  2 وڳي ڊمپر جي ٽڪر ۾ ٻه معصوم مارجي ويا. درخواستگذار چيو ته ڊمپر مافيا رات جي وقت ٻين ڊمپر کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ علائقي جي نوجوانن تي الزام لڳايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.