ڪي پي هيلي ڪاپٽر حادثو. شهيدن جا تفصيل سامهون اچي ويا

خيبرپختونخوا (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ گذريل ڏينهن پيش آيل هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ٻن پائليٽن سميت عملي جي 5 ڄڻن جا نالا ۽ تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
ذريعن موجب، شهيد ڪرنل رٽائرڊ شاهِد سلطان جو تعلق ايبٽ آباد سان هو، هو پاڪ فوج مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ انتهائي تجربيڪار پائليٽ طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو ۽ هن تڏوهڪي چيف آف آرمي اسٽاف سميت ڪيئي وي آءِ پي فلائٽس اڏائيون هيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شهيد رٽائر وِنگ ڪمانڊر آفتاب جو تعلق لاهور سان هو، هو به ايئر فورس مان رٽائر ٿيو هو، شهيد فلائيٽ انجنيئر سليم جو واسطو تله گنگ سان هو ۽ هو به هوائي فوج مان رٽائر ڊ هو.
حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪرو چيف مختار صوابي سان واسطو رکندڙ هو ۽ هو پاڪ فوج مان رٽائر ٿي چڪو هو، جڏهن ته ٻئي شهيد ڪرو چيف محمد جبار جو تعلق به تله گنگ سان هو ۽ هو پڻ آرمي مان رٽائر هو.
ذريعن موجب، ايم آءِ-17 هيلي ڪاپٽر گذريل پنجن مهينن دوران ڪرم ضلعي ۾ امدادي ڪارروائين لاءِ ڪيترائي ڀيرا اُڏامون ڀري چڪو چڪو هو.
اِهو هي هيلي ڪاپٽر سال 2020ع ۾ روس مان اوور هال ڪرايو ويو هو ۽ ان کان اڳ پنجاب ۽ بلوچستان حڪومتن جي به استعمال هيٺ رهيو هو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن باجوڙ لاءِ امدادي سامان کڻي ويندڙ خيبرپختونخوا حڪومت جو ايم آءِ-17 هيلي ڪاپٽر خراب موسم سبب ڪِري تباهه ٿي ويو هو، جنهن ۾ ٻن پائليٽن سميت عملي جا پنج اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.