پاڪستان ”گريٽر اسرائيل“ منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان، قبضي هيٺ اسرائيل جي نام نهاد "گريٽر اسرائيل” جي قيام ۽ غزه مان فلسطيني عوام کي زبردستي بي دخل ڪرڻ جي ارادن تي ٻڌل تازي بيانن جي مذمت ڪندي انهن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي کاتي جي بيان موجب، پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو  ڪيو آهي ته اهڙن اشتعال انگيز خيالن کي مڪمل طور رد ڪيو وڃي، جيڪي بين الاقوامي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ لاڳاپيل قراردادن جي کليل ڀڃڪڙي آهن. بيان ۾ چيو ويو ته اهي تازي بيان قبضي هيٺ طاقت جي ان ارادي کي ظاهر ڪن ٿا،  جنهن تحت هو پنهنجي غير قانوني قبضي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي ۽ خطي ۾ مستقل امن لاءِ ٿيندڙ عالمي ڪوششن کي نظرانداز ڪري رهي آهي. پاڪستان مطالبو ڪيو ته عالمي برادري فوري ۽ اثرائتي قدم کڻي ته جيئن قبضي هيٺ طاقت کي خطي ۾ وڌيڪ افراتفري پيدا ڪرڻ ۽ فلسطيني عوام تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ کان روڪيو وڃي. پاڪستان فلسطيني عوام جي جائز حقن، جنهن ۾ حقِ خود اراديت ۽ 1967ع کان اڳ واري سرحدن تي ٻڌل آزاد ۽ مستحڪم رياست فلسطين، جنهن جو گادي جو هنڌ القدس الشريف هجي، جي مڪمل حمايت ورجائي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.