ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي وڪيلن پاران سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ ڏيڻ خلاف اڄ وزير اعلي هائوس اڳيان ڌرڻي جو اعلان، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ ، چيو آهي ته آل سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي پاران ڪيل فيصلي مطابق سنڌ جي سڀني وڪيلن کي اطلاع ڏنو وڃي ٿو ته آل سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي (ASLAC) جي 26 جولاءِ 2025 تي لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل ڪنوينشن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سڄي سنڌ جا وڪيل اڄ منجهند 12:00 وڳي وزيراعليٰ هائوس جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪندا ۽ پنهنجو چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪندا. ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته سڄي سنڌ مان وڪيلن کي گذارش آهي ته اهي صبح جو 11:30 وڳي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نيو پارڪنگ ايريا ۾ گڏ ٿين ته جيئن اسان منظم طريقي سان پنهنجو احتجاج شروع ڪري سگهون.