حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ هن وقت بدترين معاشي، سماجي ۽ انتظامي بحران جو شڪار آهي، جتي بک ۽ بدحالي هر طرف واڪا ڪري رهي آهي. غريب خاندان پنهنجن ٻچن لاءِ روزانو جو کاڌو مهيا ڪرڻ کان به قاصر آهن. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسپتالون صحت جي بنيادي سهولتن کان وانجھيل آهن، غريب مريض دوائن، ڊاڪٽرن ۽ علاج کان محروم آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي ڪيترائي سرڪاري اسڪول بند پيا آهن، جنهن سبب هزارين ٻار تعليم جي حق کان محروم ٿي ويا آهن. تعليم جهڙي بنيادي شعبي جي تباهي مستقبل جي نسل لاءِ وڏو خطرو آهي. هن چيو ته حڪمران بادشاهن وانگر عياشيءَ واري زندگي گذاري رهيا آهن، کين عوام جي تڪليفن ۽ مسئلن جو ڪو به احساس ناهي. سنڌ ۾ منشيات جو ڪاروبار بي حد وڌي ويو آهي، جنهن ۾ حڪمران ڌر جي ماڻهن جي مڪمل حمايت شامل آهي. ان ڪاروبار سبب سنڌ جو نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، ڳوٺن کان وٺي شهرن تائين منشيات جو زهر پکڙجي چڪو آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڪرپشن سنڌ جي تباهي جو اهم سبب آهي. ڪرپشن ذريعي ڪامورن ۽ چونڊيل نمائندن جا گهر ۽ اڪائونٽ ڀرجي ويا آهن، جڏهن ته عوام بک، بيمارين، بيروزگاري ۽ محرومين جي دلدل ۾ ڦاٿل آهي. هن چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي ان ظالماڻي نظام ۽ حڪمرانن جي بي حسيءَ خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکندي، ۽ هر محاذ تي سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريندي. "اسان جو فرض آهي ته سنڌ کي بک، بيمارين، جهالت ۽ منشيات جي لعنت کان آزاد ڪرايون.”