اسلام آباد (م ڊ) حڪومتي ميمبرن ۽ وزيرن ۾ سول ايوارڊ ورهائڻ تي اپوزيشن سينيٽ ۾ احتجاج ڪيو. سينيٽ اجلاس سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، سينيٽ چيئرمين ايوان ۾ اعلان ڪيو ته سينيٽ ميمبرن کي 14 آگسٽ تي ايوارڊ ڏنا ويا جن ۾ اسحاق ڊار، محسن نقوي، مصدق ملڪ، اعظم نذير تارڙ ۽ فيصل سبزواري شامل آهن. شيري رحمان، سينيٽر بشريٰ انجم، احد چيما کي به سول ايوارڊ ڏنو ويو، عرفان صديقي ۽ سرمد علي کي به سول ايوارڊ 23 مارچ 2026 تي ڏنو ويندو. اپوزيشن ميمبرن ايوارڊن جي ورڇ تي احتجاج ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي بنياد تي اهي ايوارڊ ڏنا ويا، فلڪ ناز چترالي چيو ته عطا تارڙ ڪهڙي جنگ وڙهي وئي؟ همايون مهمند طنز ڪندي چيو ته جنگ جو ڊيزائن ٺاهيندڙ نواز شريف کي ايوارڊ نه ڏنو ويو. فيصل جاويد چيو ته پي ٽي آءِ باني جي سوشل ميڊيا ٽائيگرن معرڪا حق تي سوشل ميڊيا مهم هلائي، اسان جي سوشل ميڊيا ٽائيگرن رات جاڳي ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا کي وائکو ڪيو، انهن سوشل ميڊيا ٽائيگرن کي ايوارڊ نه ڏنو ويو، اوهان ايوارڊن جي اهميت ختم ڪري ڇڏي آهي. قانون واري وزير ايوان ۾ ٻڌايو ته معرڪا حق جي شهيدن ۽ غازين کي ايوارڊ ڏنا ويا، جنگ ۾ جن جا گهر تباهه ٿيا انهن کي به ايوارڊ ڏنا ويا، اسان کي ان تي دل وڏي ڪرڻ گهرجي. اعظم نذير تارڙ چيو ته جن سينيٽرن کي ايوارڊ ڏنا ويا اهي ٻاهر سفارتي سطح تي جنگ وڙهي آيا آهن،