اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ سينيٽر علي ظفر چيو آهي ته ضمني چونڊن جو بائيڪاٽ اڃا حتمي ناهي، پي ٽي آءِ باني سان صلاح مشوري بعد حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته پارٽي ۾ 2 راءِ آهن، هڪ مطابق هر صورت مقابلو
ڪيو وڃي، ٻي مطابق اهڙين چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فائدو ناهي. علي ظفر چيو ته سياست ۾ ڳالهين جو اهم ڪردار آهي پر هن وقت ڪي به ڳالهيون نه پيون ٿين. پي ٽي آءِ باني سان ملاقات بعد ان تي حڪمت عملي ٺاهي ويندي.