سيٺارجا ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ عورت قتل، مڙس سوڌو ٽن جوابدارن مٿان ڪيس داخل

سيٺارجا ( ن ع آ ) سيٺارجا ڀرسان ڪارنهن جي الزام هيٺ 6 ٻارن جي ماءُ قتل ، سرڪاري مدعيت ۾ مڙس سميت ٽن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ، سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ننگر خان لنڊ ۾ ڪارنهن  جي الزام هيٺ جوابدار غلام حيدر لنڊ پنهنجي ساٿين غلام نبي لنڊ ۽ ھڪ نامعلوم شخص سان گڏجي پنهنجي 35 سالن جي گھرواري 6 ٻارن جي ماءُ مسمات جميلا لنڊ کي ڪارنهن جي الزام هيٺ رائفل جا فائر ڪري موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو اطلاع ملڻ تي سيٺارجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقا اسپتال ٺري ميرواهه منتقل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته جوابدار رائفل سميت فرار ٿي ويا آهن.  ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي سيٺارجا پوليس صحافين کي ٻڌايو ته ڪيس سرڪاري مدعيت ۾ ٽن جوابدارن نالي غلام نبي لنڊ، غلام حيدر لنڊ ۽ ھڪ نامعلوم مٿان عورت کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته مقتولا جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ۽ تمام جلد قتل ۾ ملوث ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت کان سخت سزا ڏني ويندي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.