پشاور (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ نون اپوزيشن اڳواڻن جي مقرري روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارشد علي ۽ جسٽس خورشيد اقبال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ، عمر ايوب ۽ شبلي فراز کي اليڪشن ڪميشن طرفان ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي ٻنهي ايوانن ۾ نوان اپوزيشن اڳواڻ مقرر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت اليڪشن ڪميشن کي عمر ايوب ۽ شبلي فراز خلاف وڌيڪ ڪارروائي کان به روڪي ڇڏيو، درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي ڪيسن ۾ عمر ايوب ۽ شبلي فراز کي سزا ٻڌائي هئي، جنهن کانپوءِ ٻئي رڪن نااهل ٿي ويا هئا، اليڪشن ڪميشن طرفان ٻنهي اڳواڻن کي نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ ٻنهي ايوانن ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي سيٽ کان محروم ٿي وئي آهي.