الطاف حسين پاران ايم ڪيو ايم ختم ڪرڻ جو اعلان،پارٽي قائم آهي:مصطفيٰ عزيز آبادي

لنڊن/ڪراچي (عوامي آواز نيوز)ايم ڪيو ايم جي باني ۽ قائد الطاف حسين گذريل رات سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ تحريڪي ڪارڪنن جي اجلاس کي خطاب ڪندي پنهنجي ناڪامين جو اعتراف ڪيو ۽ کين تحريڪ ۽ سندن وفاداري جي کنيل حلف مان آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو۔هن چيو ته ساريون قربانيون ڏيڻ باوجود، مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته نه مان پاڪستان مدي خارج نظام کي تبديل ڪري سگهيو آهيان ۽ نه ئي پنهنجي مهاجر قوم کي ان جا حق ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيو آهيان،ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل جي هڪ اهم سينيئر اڳواڻ، مصطفى عزيز آبادي، چيو آهي ته اهو تاثر درست ناهي ته باني ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ قائد اڄ به مهاجر ۽ مظلوم قومن جو متفقه اڳواڻ آهن۔هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن فيصلي کان پوءِ رابطا ڪميٽي جا نمائندا باني کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ تي زور ڏئي رهيا آهن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.