پاڪستان مان 53 سئو ارب رپين جي مني لانڊرنگ جا ثبوت سامهون اچي ويا

اسلام آباد (زاهد گشڪوري) بحريا ٽائون جي مبينا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ادارن 2017 کان 2022 تائين پاڪستان مان 53 سئو ارب رپيا دبئي موڪلڻ جا ثبوت حاصل ڪيا، جيڪي 23 مختلف شيل ڪمپنين ذريعي ٽرانسفر ٿيا. نيب، ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي جي جاچ ۾ ملڪ رياض جي رڪارڊ مان 231 ارب رپين جو بينامي ٽيڪس، ۽ 198 لک ڪنال زمين (ماليت 12 سئو کان 15 سئو ارب) جو انڪشاف ٿيو، جنهن مان 81 سيڪڙو فريز آهي. ٻن ڪمپنين جي ٻن سالن ۾ 22 سئو ارب رپين جون ٽرانزيڪشنون ٿيون. نيب يو اي اي سان رابطا ڪيا پر دبئي سرڪار کان اڃا جوڳو جواب ناهي مليو. ملڪ رياض جي 12 ٽاپ اي جيز گرفتار ڪيو ويو، 350 ماڻهن جا نالا لسٽ ۾ آهن، جڏهن ته رٽائرڊ ڪرنل خليل ۽ ملڪ فرحت به ڪسٽڊي ۾ آهن. ملڪ رياض کي گولڊ ويزا ملي چڪو آهي پر شهريت ناهي ملي. هن ڪيس جي جاچ ۾ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل، آرمي چيف عاصم منير سميت اعليٰ شخصيتن سان رابطا ڪيا ويا آهن. ڪيس جي معاملي ۾ دبئي سرڪار کي ڪيترائي ڀيرا لکيو ويو پر جوڳو سهڪار ناهي ڪيو ويو، خدشو آهي ته دبئي سرڪار اهو سمجهي ٿي ته پاڪستان مان آيل پيسا ٻڏي نه وڃن. ٻئي پاسي ملڪ رياض جي خانداني ذريعن موجب، ملڪ رياض پاڪستان واپس آيو ته کيس سوديبازي ڪرڻي پوندي ۽ سندس ملڪيتن تي ٻيا قابض ٿي ويندا. خيال رهي ته اهي ڳالهيون به هليون هيون ته ڊي ايڇ اي قبضو ڪري وٺندي پر اهي نيب ۽ ايف آءِ اي هوندا جيڪي قبضي ۾ وٺندا. ملڪ رياض کي هن وقت تائين شهريت ناهي ملي پر اهو سمجهيو پيو وڃي ته کيس جلد پاسپورٽ ملي ويندو.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اربع 13 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.