ٽيون ڏينهن، ڀلاري ڀٽائيءَ جي ڀُونءِ ــ ڀٽ شاهه ۾ سندس 282هين سالياني عرس مبارڪ جُون تقريبون پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهتيون. سرڪاري جشن ته پُڄاڻيءَ تي پهتو، البته غيرسرڪاري ميڙو اڃا ڪجھه ڏينهن هلندو ۽ زائرين جي عام ڏينهن کان وڌيڪ، غير معمولي رش اڃا هفتو کن جاري رهندي.
ڀٽائي رڳو تصوراتي تخيل جو شاعر نه هو، بلڪه هن جي پنهنجي زماني توڙي ان کان اڳ پيش آيل تاريخي واقعن تي گَهِري نگاهه هئي. جن منجھان هن پنهنجي شاعريءَ ۾ گھڻن واقعن توڙي شخصيتن ۽ ڪردارن جو ذڪر سڌيءَ ريت ته گھڻن جو ذڪر اڻ سڌيءَ طرح ڪيو آهي. ڀٽائيءَ جي ڪلام جا اڃا ڪي اهڙا نسخا به سرحد جي هُن پار موجود آهن، جن ۾ ڀٽائيءَ جو گھڻو اهڙو ڪلام موجود آهي، جيڪو اڃا تائين رسالي جي مرتبن جي نظر ناهي چڙهيو ۽ ڇپجي ناهي سگھيو. ڀٽائيءَ جي ڪلام جي ڳُوڙهائيءَ ۽ گهرائيءَ کي مڪمل ريت سمجھڻ جو ڪم اڃا باقي آهي، جنهن بعد اسان کي سندس ڪلام ۾ اڪيچار تاريخي واقعن ۽ سانحن جا عڪسَ چِٽا پِٽا نظر اچڻ لڳندا. پر تيستائين اچو ته انهن تاريخي واقعن تي نهارَ وجھون، جيڪي سنڌ جي فڪري رهبر جِي ولادت کان ڪجھه وقت اڳ، سندن زندگيءَ دؤران توڙي سندن وفات کان ڪجھه عرصو پوءِ تائين پيش آيا.
ڀٽائيءَ جي ولادت کان 64 سال اڳ، 1625ع ۾، سنڌي وائيءَ جي بانيءَ ۽ لطيف سائينءَ جي استادَ، ميين شاهه عنات رضويءَ جي ولادت ٿئي ٿي، جڏهن ته 1655ع ۾ لاکيڻي لطيف جي پيدائش کان 34 سال اڳ صوفي شاهه عنايت شهيد جِي پيدائش ٿئي ٿي. معنيٰ ميون عنات رضوي، ڀٽائيءَ کان پورا 64 سال ۽ صوفي شاهه عنايت جھوڪ وارو لطيف کان 34 سال وڏو هو. 1685ع کان 1707ع تائين هندوستان تي اورنگزيب جو راڄ رهي ٿو. يعني لطيف سائينءَ جي ڄمَ کان 31 سال اڳ کان سندس 18 سالن جي ڦُوهه جوانيءَ تائين اورنگزيب، هند جو حاڪم رهي ٿو ۽ ان دؤران 1659ع ۾ هُو پنهنجي سڳي مدبر ڀاءُ دارا شڪوهَه کي ڪُهي ٿو. هي دلسوز واقعو ڀٽائيءَ جي ڄمڻ کان 30 سال اڳ پيش اچي ٿو. ان عالمگير ناحق قتل کان رڳو 3 ورهيه پوءِ، 1662ع ۾ دهليءَ ۾ سرمد ڪُٺو وڃي ٿو، جنهن کان اڃا 27 سال پوءِ ڀٽائيءَ کي پيدا ٿيڻو آهي. جڏهن ته ڪُوڙي فتويٰ تحت مخدوم بلاول باغبانيءَ کي شهيد ڪرڻ وارو واقعو ڀٽائيءَ جي ڄمڻ کان 166 ورهه اڳ 1523ع ۾ ٿي چڪو هو. 1680ع کان 1707ع تائين (لاکيڻي لطيف جي جنم کان 9 سال اڳ کان وٺي سندس 18 سالن جي عمر تائين) مغلن جُون مراٺن سان جنگيون زور پڪڙين ٿيون. 1686ع کان 1690ع تائين (ڀٽائيءَ جي هن دنيا ۾ اچڻ کان 3 سال اڳ کان وٺي سندس هڪ سال جي عمر تائين) ’اينگلو ــ مغل‘ جنگ لڳي ٿي. 1689ع ۾ لطيف سرڪار هالا حويليءَ ڀرسان ”ڀئينءَ پُور“ جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿئي ٿو. 1699ع ۾ جڏهن ڪئپٽن هيملٽن ٺٽي جو دؤرو ڪري، سنڌ بابت لکي ٿو، تڏهن شاهه صاحب فقط 10 سالن جو ٻار آهي. 1719ع کان 1701ع تائين (لطيف جي 12 سالن کان 30 سالن جي ڄمار تائين) ميان يار محمد ڪلهوڙو سنڌ جي ڪجهه حصن تي حڪومت ڪري ٿو. 1713ع ۾ شاهه سائينءَ جِي بيبي سيده بيگم سان شادي ٿئي ٿي، جڏهن لطيف سائين 24 سالن جو آهي ۽ 1718ع ۾ جڏهن ڀٽائي 29 سالن جو باشعور نوجوان آهي، تڏهن جھوڪ جي جنگ لڳي ٿي ۽ ”جو کيڙي، سو کائي“ جو نعرو ڏيندڙ عظيم اشتراڪي صوفي ۽ سنڌ جي صُوفين جو سرواڻ صوفي شاهه عنايت، شهيد ٿي وڃي ٿو. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي جو 29 سالن جي باشعور جوان اڳيان ايڏو وڏو واقعو گذريو هجي ۽ هُنَ اِنَ جو پنهنجي ڪلام ۾ ذڪر نه ڪيو هجي! ان کان ايندڙ سال 1719ع ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙو به وفات ڪري وڃي ٿو. ان جي لاڏاڻي بعد 1719ع کان 1739 ع تائين پورا 20 سال ميان نور محمد ڪلهوڙو سنڌ مٿان حڪومت ڪري ٿو. ان دؤران ڀٽائي، 30 سالن جي نؤجوانيءَ کان 50 سالن جي پڪي عمر کي پهچي ٿو. 1738ع ۽ 1740ع ۾ ٻه ڀيرا نادر شاهه هندوستان تي حملا ڪري دهليءَ کي لُٽي ٿو. انهن ٻنهي حملن دؤران ڀٽائيءَ جي عمر ترتيبوار 49 ۽ 51 سال آهي. 1747ع ۾، جڏهن ڀٽائيءَ جي ڄمارَ 58 سال آهي ته سندس دوست مخدوم معين دَل ٺٽويءَ (ميين ٺاري) جو ٺٽي ۾ لاڏاڻو ٿئي ٿو، جنهن جِي جنازي نماز ڀٽائي سرڪار پاڻ پڙهائن ٿا. لاکيڻو لطيف پاڻ ان کان 5 سال پوءِ 1752ع ۾ 63 ورهن جي ڄمارَ ۾ ڀٽ شاهه ۾ هن فاني جهان مان برقعو مٽائي ٿو.
ڀٽائيءَ کان 3 ورهيه پوءِ 1755ع ۾ ميان نور محمّد ڪلهوڙو به وفات ڪري وڃي ٿو. جنهن کان 2 سال پوءِ ۽ ڀٽائيءَ جي لاڏاڻي کان 5 سال پوءِ، 1757ع ۾ سنڌ تي ميان مرادياب خان جي حڪومت قائم ٿئي ٿي، پر اها هڪ سالُ مسَ هلي ٿي ته ان جي ايندڙ سال 1758ع ۾ ميان مرادياب خان به وفات ڪري وڃي ٿو ۽ سندس وفات تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جو حاڪم بڻجي ٿو، جنهن بابت روايت آهي ته اهو ڀٽائيءَ جي دعا سان پيدا ٿيو هو. ميان غلام شاهه پنهنجي 14 ساله صاحبيءَ واري دؤر دؤران ئي ڀٽائيءَ جي تربت مٿان شاندار مقبرو جوڙايو، جيڪو اڄ به اوهان لطيف جي ڀِٽَ تي شانَ سان بيٺل ڏسو ٿا. 1772ع ۾، لطيف سرڪار جي لاڏاڻي کان 15 سال پوءِ غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات ٿئي ٿي. 1789ع ۾ لطيف جي هن دنيا مان موڪلائڻ کان 37 سالَ پوءِ افغاني پٺاڻَ سنڌ تي ڪاهه ڪن ٿا ۽ شاهه سائينءَ جي وفات کان 40 سال پوءِ، فقير عبدالعظيم عرف وڏل شاھه 7 جماد الثاني 1207ھه (بمطابق 20 جنوري 1793ع) تي ميين اسماعيل کاھوڙيءَ جي چوڻ تي ۽ سندس ئي نگرانيءَ ۾ ڀٽائيءَ جي شاعري سھيڙي ”گنج“ جو نسخو پنھنجي ھٿن سان لکي پڌرو ڪري ٿو.
ڀٽائيءَ جي رسالن جي اشاعت جي سفر کي ٿورو اڃا به اڳتي ڏسجي ته جرمن عالم، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جرمنيءَ جي شھر ”لپسيا“ مان 10 مارچ 1866ع تي شاھه جو رسالو سنڌي لکت ۾ ترتيب ڏئي پريس مان ڇپرائي پڌرو ڪري ٿو. 1867ع بمطابق 1283هجريءَ ۾ شاهه جي رسالي جو ”بمبئيءَ وارو ڇاپو“، بمبئيءَ مان ڇپجي ٿو، جنھنجي ڪتابت حاجي محمّد ڪرناڻي سمي ڪئي. ڊسمبر 1900ع ۾ تاراچند شوقيرام جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو جديد سنڌي لکت ۾ پھريون ڀيرو ڇپائي پڌرو ڪيو وڃي ٿو. شاهه جي رسالن جي جُھونن نسخن منجھان مرزا قليچ بيگ جو ترتيب ڏنل رسالو به شامل آهي، جيڪو 1913ع ڇپائي پڌرو ڪيو وڃي ٿو. تنهن بعد 15 ڊسمبر 1923ع تي ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي، پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، پنهنجيءَ پينشن جي پئسن مان، شاھه جو رسالو سنواري ڇپائي پڌرو ڪري ٿو، جيڪو عالمن پاران ھر طرح سان بھترين سنواريل رسالو قرار ڏنو وڃي ٿو. گربخشاڻي صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ هن رسالي جا فقط 3 جلد پڌرا ڪري سگھيو، جڏهن ته چوٿين ۽ آخري جلد جو مسودو سندس لاڏاڻي کانپوءِ نه ڄاڻ ڪيڏانهن غائب ٿي ويو ۽ پڌرو ٿي نه سگھيو. انڪري گربخشاڻِي صاحب وارو رسالو جامع هجڻ باوجود اڌورو سمجھيو وڃي ٿو.
ڀٽائيءَ کي سمجھڻ (لطيف شناسيءَ) جي حوالي سان ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي جي انگريزيءَ ۾ ڪيل پي ايڇ ڊي به وڏي اهم ’ميل جي پٿرَ‘ جِي حيثيت رکي ٿي، جيڪا 31 مارچ 1938ع تي انگريزي ٻوليءَ ۾ ”شاھه عبدالطيف آف ڀِٽ“ (ڀٽَ جو شاهه) جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ پڌري ٿي. هن مقالي صحيح معنيٰ ۾ ڀٽائيءَ جو سربستو تعارف سنڌ ۽ سنڌ واسين سان گڏو گڏ دنيا آڏو پيش ڪيو. گربخشاڻي صاحب واري رسالي کانپوءِ غلام محمّد شاھواڻيءَ جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو مقبول رسالن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جيڪو پهريون ڀيرو 1950ع ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ شايع ٿيندڙ شاهه جي رسالن ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ وارو رسالو (1951ع)، محمّد عثمان ڏيپلائيءَ وارو رسالو (1951ع)، ڪلياڻ آڏواڻيءَ وارو رسالو (1958ع)، علامه آءِ آءِ قاضيءَ وارو رسالو (1961ع)، ديوناگري لپيءَ ۾ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو ترتيب ڏنل رسالو (1966ع)، برٽش ميوزيم لنڊن جي ڪتبخاني ۾ محفوظ قلمي نسخن مطابق 28 سرن وارو رسالو (1969ع)، آغا محمّد يعقوب پاران ڪيل ”گنج“ جو انگريزي ترجمو (1985ع)، ڊاڪٽر بلوچ وارو 10 جلدن تي ٻڌل شاهه جي رسالي جو مڪمل متن (1989ع)، امينه خميساڻيءَ پاران ڪيل رسالي جو انگريزي ترجمو (1994ع)، ڪرتار سنگھه جو شاهه جي رسالي جو ڪيل پنجابي ترجمو (1969ع)، عثمان علي انصاريءَ وارو ترتيب ڏنل رسالو (1997ع)، ٻانهي خان شيخ وارو رسالو (2000ع)، رسالي جي چونڊ حصن جا عربي ۽ فارسي ترجما (2020ع)، رسالي جي چونڊ حصن جو بلوچي زبان ۾ ترجمو (2021ع) وغيره شامل آهن.ڀٽائيءَ تي اڃا گھڻو ڪم ڪرڻ باقي آهي، جيڪو جديد ’ٽُولس‘ رستي گھڻ رُخي انداز ۾ ڪرڻ ۽ ڀٽائيءَ جي فڪر کي دنيا تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي، جيڪو ڪم هاڻي گھڻو مشڪل ته ناهي، پر ان لاءِ ڏُور رس نگاهه رکندڙ ۽ رٿابندي ڪندڙ اهڙن ذهنن جي ضرورت آهي، جن جو نصب العين لطيفي شعُور جو ڦهلاءُ هجي.
”تنِين جي چوٽي، پُورب ٿيندي پڌرِي“