پاڪستان اسٽيل مل ڪراچي جيڪا ڪنهن وقت ۾ ملڪي معيشت جي مضبوطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي هئي، سا اڄ زوال، بي حسي ۽ بدانتظاميءَ جي ور چڙهي مڪمل طور تباهه ٿي چڪي آهي. 2015 کان بند پيل هي ادارو گذريل ڏهاڪي ۾ اربين رپين جي خساري سياسي مداخلت ۽ ڪرپشن سبب عملي طور ملڪي معيشت لاءِ بار بڻجي ويو هو، جڏهن ته هاڻي وري حڪومت طرفان بحالي جو اعلان ٿي رهيو آهي، جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، ان سلسلي ۾ حڪومتي نمائندن جي عالمي ۽ مقامي سيڙپڪارن سان ڳالهيون هلندڙ آهن پر ٻئي پاسي صورتحال بنهه ئي مختلف آهي، بحالي جون ڳالهيون هلڻ باوجود به اسٽيل مل جي قيمتي لوهه جي چوري جو سلسلو رڪجي ناهي سگهيو. اسٽيل مل ۾ قيمتي مشينري، ڌاتو، تارون ۽ ٻيو انفراسٽرڪچر سامان مسلسل چوري ٿي رهيو آهي.
اکين ڏٺن شاهدن موجب چوري جو سامان کڻندڙ گاڏيون بنا روڪ ٽوڪ جي چيڪ پوسٽن کان گذرن ٿيون ۽ ڪڏهن ته پوليس موبائيل ساڻس گڏ هلندي ڏسڻ ۾ ايندي آهي هيءَ ملي ڀڳت ئي اصل ۾ هن لٽ مار سبب آهي. جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پاڻ ڏوهارين جا سهولتڪار بڻجي وڃن ته پوءِ بدامني چوٽ چڙهي ويندي آهي. اسٽيل مل جو سڪيورٽي نظام به مڪمل طور ڪمزور آهي ڪجهه اهلڪار جيڪي سيڪيورٽي تي مقرر آهن اهي به مبينا طور رشوت وٺي چوري ڪندڙن کي رستو ڏين ٿا، گذريل سالن ۾ به اهڙا واقعا سامهون آيا آهن جتي مل جي قيمتي مشينري ۽ تارون وڏي پيماني تي غائب ٿي ويون پر ڪيس فائيلن ۾ دفن ٿي ويا.
سوال اهو آهي ته اسٽيل مل جي بحالي جو اعلان ڪندڙ حڪومتي ۽ انتظامي نمائندا کين خبر هوندي به ان لٽ مار کي ڇو نٿا روڪين؟ ڇا بحاليءَ جو مطلب صرف نون سيڙپڪارن کي خوش ڪرڻ آهي يا موجوده اثاثن کي بچائڻ به سندن ترجيح ۾ آهي؟ ڇو ته جيڪڏهن موجوده انفراسٽرڪچر ئي تباهه ٿي ويو ته پوءِ نئين سيڙپڪاري جو وڏو حصو ٻيهر بنيادي ڍانچي تي ئي لڳڻو پوندو ۽ اصل پيداوار وارو مقصد پوئتي رهجي ويندو.
ڪراچي اسٽيل مل کي بحال ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريون قدم اهو هجڻ گهرجي ته چوري واري سلسلي کي روڪيو وڃي ذميوارن کي بي نقاب ڪيو وڃي ۽ پوليس سميت سڀني لاڳاپيل ادارن جي جوابدهي يقيني بڻايو وڃي جيڪڏهن پوليس پنهنجي اصل ذميواري نڀائڻ بدران چورن جي مددگار بڻيل رهي ته بحالي رڳو خواب بڻجي ويندي ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ صنعتن جو ٻيهر هڻڻ ضروري آهي پر صنعتن جي حفاظت ۽ قانون جي حڪمراني کانسواءِ بحالي جو هر نعرو بي معنيٰ هوندو آهي.