ٽرمپ پيوٽن جي امڪاني ملاقات ۽ غزه تي قبضي جو اسرائيلي منصوبو

تحرير: عباس ناصر

ٽرمپ ۽ روسي صدر پيوٽن جي ملاقات جي اعلان سان گڏ ئي اسرائيل جي سلامتي ڪابينا جنگي ڏوهن جي ڏوهه وزيراعظم نيتن ياهو جي غزه تي مڪمل قبضي جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيتن ياهو جي چونڊيل فوجي سربراهه پهرين ته خدشن جو اظهار ڪيو، پر پوءِ هو به هن منصوبي تي راضي ٿي ويو.فوجي سربراهه شروع ۾ اهو بيان ڏنو هو ته فوجي آپريشن کي وڌائڻ سان باقي بچيل 20 يَرغمالين جون حياتيون خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون، جيڪي 7 آڪٽوبر 2023ع کان حماس جي قبضي ۾ آهن. ان ڏينهن حماس، غزه جي چوڌاري لڳايل رڪاوٽون ۽ ڀتيون ٽوڙي، اسرائيل تي حملو ڪيو هو، جنهن ۾ هڪ هزار ٻه سئو اسرائيلي مارجي ويا هئا، جن مان چار سئو شهري به شامل هئا.

اخبار ٽائمز آف اسرائيل موجب، اسرائيلي دفاعي فوجن (آءِ ڊي ايف) جي چيِف آف اسٽاف ليفٽننٽ جنرل اييال زامير، سلامتي ڪابينا جي اجلاس کان اڳ پنهنجن سينيئر ساٿين کي بيان ڏيندي خبردار ڪيو ته، ”غزه پٽي تي قبضي جي ڪوشش اسرائيل کي هڪ اهڙي مسئلي ۾ ڦاسائيندي، جتي کيس 20 لک فلسطيني شهرين جي ذميواري سنڀالڻي پوندي ۽ سالن تائين علائقي کي صاف ڪرڻ جا آپريشن هلائڻا پوندا، جن ۾ سپاهي گوريلن جو نشانو بڻجي سگهن ٿا ۽ يَرغمالين جون حياتيون به خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون.“

جنرل اييال زامير جو چوڻ هو، ”اسان ڪنهن نظريي تي بحث نٿا ڪريون، پر زندگي ۽ موت جي معاملي کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ اهو سڀ ڪجهه پنهنجن سپاهين ۽ ملڪ جي شهرين جي اکين ۾ اکيون وجهي ڪري رهيا آهيون.“ ياد رهي ته اسرائيل، آمريڪا جي ساٿ سان، غزه هيومينٽيرين فائونڊيشن (جي ايڇ ايف) جي مدد سان، مهينن کان غزه ۾ فاقه ڪشي واري پاليسي اختيار ڪئي آهي، جنهن ۾ امداد وٺڻ لاءِ قطار ۾ بيٺل سوين فلسطيني شهيد ڪيا ويا آهن، پر غزه جي رهواسين جي حوصلن کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. حقيقت ۾، آءِ ڊي ايف ۽ جي ايڇ ايف طرفان ماڻهن کي قتل ڪرڻ جون تصويرون دنيا ۾ غم ۽ غصي جو طوفان اڀاري چڪيون آهن، ايتري قدر جو يورپي يونين ۽ برطانيا جهڙا ٻهروپيا به ان خلاف ڳالهائڻ تي مجبور ٿيا آهن، جڏهن ته فرانس جي اڳواڻي ۾ ڪجهه يورپي ملڪن چيو آهي ته ايندڙ مهيني اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾، ٻه رياستي حل ڏانهن پهرين قدم طور، هو فلسطين کي رياست طور تسليم ڪندا.

غزه جي ڪجهه حصن يا سموري پٽي تي قبضي جو نيتن ياهو جو منصوبو مغربي ڪناري واري صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو. لڳي ٿو ته هو فلسطين کي سرڪاري حيثيت ۾ تسليم ٿيڻ کان اڳ ئي اهو ڪم ڪرڻ چاهي ٿو، ته جيئن اهڙي رياست جي قيام يا وجود کي رد ڪري سگهي. نفسياتي مسئلن جو شڪار هي اسرائيلي اڳواڻ آمريڪا کان منظوري حاصل ڪري چڪو آهي، جتي ٽرمپ چيو آهي ته، ”اهو گهڻو ڪجهه اسرائيل تي دارومدار رکي ٿو ته هو غزه سان ڇا ڪرڻ ٿو چاهي.“

آمريڪي ميڊيا ۾ وائٽ هائوس مان ڪجهه رپورٽون آيون آهن ته ٽرمپ، نيتن ياهو کي سختي سان جهڙڪ ڏني، جڏهن هن چيو ته غزه بک جو شڪار ناهي ۽ اها سڄي خبر رڳو حماس جي پروپيگنڊه آهي. ڪير نٿو ڄاڻي ته ٽرمپ ئي هو، جنهن سڀ کان پهرين پنهنجي ”غزه رويرا“ منصوبي جو ذڪر ڪيو هو، جنهن تحت غزه جا 20 لک فلسطيني ٻيهر زبردستي لڏپلاڻ ڪندا، جن جي اڳين نسل 1948ع ۾ نڪبه جي نتيجي ۾ بي گهر ٿي غزه ۾ اچي وسائي هئي. هن پسمنظر ۾، ٽرمپ ۽ پيوٽن جي ملاقات وڏي اهميت واري آهي، پر اهو امڪان گهٽ آهي ته ٽرمپ جي صدارتي نمائندي اسٽيئو ويٽڪوف (جيڪو اڪثر غزه تي اسرائيل جو ترجمان بڻجي ٿو) جي هڪ ڏينهن جي ماسڪو دوري کان پوءِ، پيوٽن پنهنجو موقف اهم معاملن تي تبديل ڪندو.

ولاديمير پيوٽن اڳ ۾ ئي واضح ڪري چڪو آهي ته هو اوڀر يوڪرين ۾ ڪنهن به علائقائي رعايت لاءِ تيار ناهي، جتي سندس فوج آهستي آهستي پر پڪ سان فائدو حاصل ڪري رهي آهي. هو چاهي ٿو ته دنيا رسمي طور تي تسليم ڪري ته روس 2014ع ۾ ڪريميا ۽ 2022ع ۾ ڊونيٽسڪ، لوهانسڪ، خيرسون ۽ زاپوريزهيا سان الحاق ڪري چڪو آهي. هن اها به ضمانت گهري آهي ته نيٽو فوج يوڪرين تائين نه وڌائي وڃي، ڇو ته اهڙي صورت ۾ نيٽو روس جي تمام ويجهو اچي ويندو. سوويت يونين ٽٽڻ کان پوءِ يوڪرين، روس ۽ نيٽو جي وچ ۾ هڪ بفر زون جو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ پيوٽن اهو وڃائڻ نٿو چاهي.

ماضي ۾ ٽرمپ اهو اشارو ڏئي چڪو آهي ته امن معاهدي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪجهه علائقن بابت موقف ۾ تبديلي آڻڻي پوندي (جيڪو روس نه ڪندو). ملاقات کان اڳ اهو واضح ناهي ته يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي جي حڪومت يا نيٽو جا يورپي ملڪ اهڙي رعايت لاءِ تيار آهن يا نه. ڪنهن جي به پٺتي هٽڻ کان سواءِ امن معاهدو ممڪن ناهي. شايد پيوٽن ملاقات تي راضي ئي ان لاءِ ٿيو هجي ته ٽرمپ کي ننڍڙي فتح جي دعويٰ ڪرڻ ۽ ميڊيا جي توجهه حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي ۽ ساڳئي وقت کيس پنهنجي فوجي مهم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ وقت ملي، جيڪو سندس خيال ۾ سٺو پيو هلي.

دنيا جي توجهه غزه جي جبري فاقه ڪشي کان هٽي، الاسڪا واري سربراهي اجلاس ڏانهن منتقل ٿي ويندي ۽ هن توجهه جي تبديلي اسرائيل کي اهو موقعو ڏيندي ته هو اتر غزه کان قبضي جي شروعات ڪري، پوءِ سڄي پٽي تي قبضو ڪري، ڇو ته اهڙي طرح هو نسل ڪشي ڪندي غزه جو الحاق ڪري سگهي ٿو ـ جيڪو ايجنڊا جو اهو حصو آهي جنهن تي گهڻي ڳالهه نٿي ٿئي. اهي سڀ ڪم مغربي جمهوريتن جي گڏيل رٿابندي سان ٿي رهيا آهن، جيتوڻيڪ انهن ملڪن جا شهري، بک ۽ غذائي کوٽ سبب بيحال معصوم ٻارن جون تصويرون ڏسي پريشان آهن. لڳي ٿو ته اهي تصويرون 15 هزار 500 ٻارن جي قتل يا هزارين مفلوج ٻارن جي تصويرن کان به وڌيڪ مغربي ميڊيا تي اثر وجهن ٿيون.رهي ڳالهه عرب پاڙيسرين ۽ سڄي مسلم دنيا جي ته جيئن گهٽ چيو وڃي تيئن بهتر آهي، ڇو ته انهن مان اڪثر غاصب حڪمران آمريڪا جي مخالفت جا نتيجا ڀوڳڻ کان ڊڄن ٿا يا وري نسل ڪشي ۾ شريڪ آهن يا ان تي خاموش آهن. اڄ اسان مڪمل بي وسي ۽ مايوسي جي حالت ۾ بيٺل آهيون.

غزه جي ڪجهه حصن يا سموري پٽي تي قبضي جو نيتن ياهو جو منصوبو مغربي ڪناري واري صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو. لڳي ٿو ته هو فلسطين کي سرڪاري حيثيت ۾ تسليم ٿيڻ کان اڳ ئي اهو ڪم ڪرڻ چاهي ٿو، ته جيئن اهڙي رياست جي قيام يا وجود کي رد ڪري سگهي. نفسياتي مسئلن جو شڪار هي اسرائيلي اڳواڻ آمريڪا کان منظوري حاصل ڪري چڪو آهي، جتي ٽرمپ چيو آهي ته، ”اهو گهڻو ڪجهه اسرائيل تي دارومدار رکي ٿو ته هو غزه سان ڇا ڪرڻ ٿو چاهي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.