ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ، مرزا قليچ بيگ ۽ استاد گلزار لاءِ لطيف ايوارڊ

مٽياري: بلاول ڀٽو زرداري ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ (شاهه لطيف جي شاعريءَ جو انگريزي ترجمو)، بهترين ”شاهه جو راڳي“ حاجي شير محمد نظاماڻي، بهترين ڳائڻو ممتاز لاشاري، بهترين سگھڙ فقير فياض حسين مهيسر، بهترين سازندو شاهِد علي، بهترين موسيقار فقير غلام رسول، ۽ لوڪ ڳائڻيون مائي سانون ۽ مائي سرهيءَ کي ايوارڊ ڏنا۔ بعد از وفات اعزاز طور شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ۽ استاد گلزار علي خان کي پڻ لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو۔ ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، قومي اسيمبلي جو ميمبر مخدوم جميل الزمان ۽ صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه پڻ موجود هئا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.