مٽياري: سنڌ جي وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي شرڪت اسان لاءِ خوشي جو سبب آهي۔ هن چيو ته هي رشتو پراڻو آهي، 64 سال اڳ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هتي اچي ڪلچرل سينٽر جو بنياد رکيو هو، جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو 250هين عرس تي منهنجي والد سان گڏ شريڪ ٿيون ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ تاريخي خطاب ڪيو۔. سنڌ جي وڏي وزير ان خطاب جا ٽڪرا ٻڌائيندي چيو ته محترمه نوجوانن کي تعليم ۽ محنت جي تلقين ڪئي ۽ ”گنج شريف“ پنهنجي خرچ تي ڇپائي سڀني يونيورسٽين ڏانهن موڪليو. سيد مراد علي شاهه چيو ته شهيد محترمه هڪ ايڪسيلينس سينٽر ٺاهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي، جنهن کي صدر آصف علي زرداري صوفي يونيورسٽي جي صورت ۾ مڪمل ڪيو.