هيگ / اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت هيگ ۾ قائم مستقل ثالثي عدالت (پي سي اي) جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي، جنهن ۾ سنڌ طاس معاهدي جي عام تشريح بابت فيصلو جاريڪيو ويو آهي، عدالت قرار ڏنو ته ڀارت عام طور تي اولهه وارن درياهن جو پاڻي پاڪستان لاءِ بنا ڪنهن رنڊڪ جي استعمال لاءِ ڇڏي ڏي. عالمي ثالثي عدالت 8 آگسٽ تي ٻڌايل فيصلو پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ قرار ڏنو ويو ته عدالت جو فيصلو حتمي آهي ۽ ٻنهي ڌرين تي لازم آهي، هي فيصلو پاڪستان طرفان 19 آگسٽ 2016 تي ڀارت خلاف داخل ڪيل ثالثي جي نتيجي ۾ سامهون آيو، هي ڪارروائي سنڌ طاس معاهدي جي آرٽيڪل IX تحت ڪئي وئي هئي، فيصلي ۾ آرٽيڪل 3 (اولهه وارن دريائن بابت شق) جي حوالي سان چيو ويو ته بنيادي اصول اهو آهي ته ڀارت اولهه وارن دريائن جو پاڻي پاڪستان جي بنا رڪاوٽ استعمال لاءِ وهڻ ڏي، فيصلي ۾ چيو ويو ته هن اصول کي مخصوص ڇوٽ حاصل آهي، جن ۾ پن بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش به شامل آهي، پر هن ڇوٽ جي سختي سان تشريح ٿيڻ گهرجي، ”رن آف دي ريور“ هائيڊرو اليڪٽرڪ پلانٽس جو ڊزائن ۽ آپريشن معاهدي جي شرطن مطابق هئڻ گهرجي، وڌيڪ چيو ويو ته هن حوالي سان ڌرين جي حقن ۽ ذميوارين ۾ توازن بابت سوالن کي معاهدي جي نوٽيفڪيشن، اعتراض ۽ تڪرارن جي حل جي طريقيڪار ذريعي طئي ڪيو وڃڻ گهرجي، جيئن معاهدي جي مقصدن ۽ گڏيل تعاون واري ذميوارين کي اڳتي وڌائي سگهجي، عدالت چيو ته اڄ تائين ڀارت ثالثي جي ڪارروائي ۾ حصو نه ورتو ۽ بار بار عدالت جي صلاحيت تي اعتراض ڪيو، بهرحال عدالت هي معاملو ڪيترن موقعن تي غور هيٺ آندو آهي، تنهن هوندي به، انهن ڪارروائين دوران عدالت اهو يقيني بڻايو ته ڀارت کي سڀني معاملن کان مڪمل طور تي آگاهه رکيو وڃي ۽ کيس شرڪت جو موقعو ڏنو وڃي، ان جي باوجود، عدالت موجود مواد، ڪميشن جي رڪارڊ، ڌرين جي وچ ۾ ٿيل خط و ڪتابت، ۽ معاهدي تحت ماضي ۾ تڪرارن جي حل واري ڪارروائين ۾ ڀارت طرفان جمع ڪرايل راءِ مان ڀارت جي موقف کي سمجهڻ ۽ ان کي نظر ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، عدالت وڌيڪ چيو ته هن پاڪستان جي دعوائن جي درستگي جانچڻ لاءِ اضافي قدم کنيا، جن ۾ پاڪستان کان وڌيڪ لکت ۾ جواب طلب ڪرڻ، ٻڌڻي کان اڳ ۽ ٻڌڻي دوران سوال ڪرڻ، پاڪستان کان سنڌ طاس معاهدي ۽ مستقل انڊس ڪميشن بابت تاريخي شاهديون پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ، ۽ اهڙا عوامي رڪارڊ ۽ عدالتي فيصلا ڏسڻ شامل آهن، جيڪي پاڪستان پيش نه ڪيا هئا، پي سي اي وضاحت ڪئي ته 8 آگسٽ جو فيصلو معاهدي جي مجموعي تشريح ۽ ان جي لاڳو ٿيڻ سان لاڳاپيل سوالن تي ٻڌل آهي، جن ۾ آرٽيڪل 3 ۽ چوٿين ضميمي جو اٺون پيراگراف (جيڪو اولهه وارن دريائن تي ڀارت جي نون ”رن آف دي ريور“ هائيڊرو اليڪٽرڪ پلانٽس سان لاڳاپيل آهي) به شامل آهي، پريس رليز ۾ چيو ويو ته فيصلي ۾ هن سان لاڳاپيل هڪ سوال تي به ڳالهه ڪئي وئي آهي ته معاهدي تحت تڪرارن جي حل وارن ادارن (يعني ثالثي عدالتن ۽ غير جانبدار ماهرن) جي فيصلن جي قانوني حيثيت ڇا آهي؟ بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هي فيصلو ڌرين تي لازم آهي ۽ ان خلاف ڪا به اپيل نٿي ٿي سگهي، ٻئي طرف، پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان هن فيصلي جي ڀليڪار ڪري ٿو، عالمي عدالت جو هي فيصلو ان وقت خاص اهميت رکي ٿو، جڏهن ڀارت تازو سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ۽ ان کان اڳ ثالثي عدالت جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو هو، هي پاڪستان جي تاريخي موقف جي توثيق آهي، ترجمان چيو ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تي مڪمل عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي ۽ اها به اميد رکي ٿو ته ڀارت فوري طور تي معاهدي جي معمولي طريقيڪار کي بحال ڪندو ۽ ثالثي عدالت جي اعلان ڪيل فيصلي تي ايمانداري سان عمل ڪندو.