تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين جي ”جيل ياترا“ جي ٻي ”سالگره“ جي موقعي تي، جتي پي ٽي آءِ پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو، اتي ئي وفاقي گاديءَ جي هنڌ اسلام آباد ۾ چونڊيل سياسي جماعتن جي هڪ گڏجاڻي به ٿي، جنهن کي آل پارٽيز ڪانفرنس جو نالو ڏنو ويو. ان ڪانفرنس ۾ پي ٽي آءِ، پختونخوا ملي عوامي پارٽي، متحده مجلس وحدت مسلم، سني تحريڪ، جماعت اسلامي، عوام پاڪستان پارٽي، جي ڊي اي، اي اين پي، بي اين پي (مينگل) ۽ قومي وطن پارٽي شرڪت ڪئي. لڳي ٿو ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي طرفان حڪومتي اتحاد ۾ شامل ڪنهن جماعت کي دعوت نه ڏني وئي، جڏهن ته جمعيت علماء اسلام، نيشنل پارٽي ۽ ڪجهه ٻين جماعتن شرڪت ڪرڻ مناسب نه سمجهيو.
ظاهر ۾ اها ڪا وڏي سياسي گڏجاڻ نه هئي، جنهن سان حڪومت کي خاص پريشاني ٿئي، پر حڪومت ان اجتماع جي اجازت نه ڏئي ان جي اهميت وڌائي ڇڏي. ڇو ته هن ڪانفرنس جا ميزبان اڳوڻا سينيٽر مصطفىٰ نواز ککر هئا، جن آل پارٽيز ڪانفرنس جي ميزباني لاءِ ”کوکر هائوس“ جا دروازا ائين کوليا، جيئن 32 سال اڳ سندن والد حاجي نواز ککر پاڪستان مسلم ليگ جي مرڪزي جنرل ڪائونسل جي اجلاس لاءِ پنهنجي رهائشگاهه پيش ڪئي هئي، جڏهن ان وقت جي صدر غلام اسحاق خان، حاجي نواز کوکر کي اجلاس ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي سخت نتيجن جي ڌمڪي ڏني هئي.
تاريخ پاڻ کي ورجائي ٿي. اڄ انهن جو فرزند مصطفىٰ نواز کوکر، ضلعي انتظاميا جي دٻاءَ کي نظرانداز ڪندي، پنهنجي گهر جا دروازا شرڪت ڪندڙن لاءِ کوليا. پهرين ڏينهن پنهنجي رهائشگاهه ۽ ٻئي ڏينهن فارم هاوس تي اي پي سي ڪرائي، ڄڻ ميلو لٽي ڇڏيو. ميزباني جو اهو فائدو ٿيو جو تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي قيادت، مصطفىٰ نواز کوکر کي اي پي سي جو 10 نڪاتي پڌرنامو پڙهڻ جو موقعو ڏنو، جيڪو هن نوجوان لاءِ هڪ اعزاز هو. مصطفىٰ نواز کوکر ننڍي عمر ۾ ئي سياسي ميدان ۾ مقام حاصل ڪري ورتو آهي، جيڪو قابلِ ذڪر آهي.
هو هن وقت ڪنهن به سياسي جماعت جو حصو ناهي، پر گهڻي حد تائين تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي ويجهو آهي. ٻن ڏينهن واري آل پارٽيز ڪانفرنس جي صدارت محمود خان اچڪزئي ڪئي. ان ڪانفرنس کي ”نشستند گفتند برخواستند“ به نه ٿو چئي سگهجي، پر ان جو پڌرنامو عمران خان جي آزاديءَ لاءِ ڪا تحريڪ هلائڻ تي خاموش آهي. البت اي پي سي جي اعلاميي ۾ سياسي جماعتن جي وچ ۾ وڏي سياسي ڳالهه ٻولهه ۽ نئين ميثاقِ جمهوريت جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته هائبرد نظام جي مسلسل حملي سبب، پاڪستان جو آئين، ان ۾ ڏنل انساني حق (آرٽيڪل 8 کان 11 تائين) ۽ پارلياماني جهموريت جو نظام پنهنجو اثر وڃائي چڪا آهن، ۽ اڄ عوام ۽ رياست جي وچ ۾ سماجي معاهدو ٽٽي چڪو آهي. تنهنڪري نئين ميثاقِ جمهوريت لاءِ سڀني سياسي جماعتن جي وچ ۾ قومي ڳالهه ٻولهه جو آغاز ٿيڻ گهرجي. پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته انتظاميا، مقامي هوٽل ۾ اي پي سي ڪرڻ جي رستي ۾ رڪاوٽ وڌي ۽ هوٽل ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس منسوخ ڪرائي. باني چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ سندن زال کي جيل ۾ رکڻ جي مذمت ڪئي وئي ۽ ڪيسن جي جلد ٻڌڻي جو مطالبو ڪيو ويو.
اي پي سي ۾ شامل ڪجهه جماعتون، پي ٽي آءِ جي سرپرستيءَ هيٺ هلندڙ تحريڪ ۾ حصو ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، تنهنڪري ان جو ذڪر ڪرڻ کان پاسو ڪيو ويو. اي پي سي کان پوءِ، 5 آگسٽ تي، پي ٽي آءِ اسلام آباد کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ شو آف پاور ڪيو. ڪجهه شهرن ۾ مظاهرا ٿيا، پر شرڪت ڪندڙن جو انگ غير معمولي نه هو. البت ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته پي ٽي آءِ، ٻن سالن جي سخت سياسي دٻاءَ باوجود، اڃا ميدان ۾ زنده نظر اچي ٿي. مختلف شهرن ۾ پارٽي جي ميمبرن ۽ ٽڪيٽ هولڊرن جي موجودگي گهٽ هئي، پر ڪارڪن پنهنجو پاڻ تي سڙڪن تي نڪري آيا. ٻن ٽن هنڌن کانسواءِ، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن قانون هٿ ۾ نه ورتو.حڪومتي حلقن جي نظر ۾، پي ٽي آءِ جو شو آف پاور فلاپ هو، پر ائين به نه آهي. ”جيل، ڊنڊن ۽ ڪيسن“ جي خوف باوجود، ڪجهه شهرن ۾ ڪارڪنن جو سڙڪن تي اچڻ، مايوس قيادت لاءِ حوصلو افزا هو. سوشل ميڊيا جي ڪجهه ماهرن پراڻيون وڊيوز ۽ ڪجهه اي آءِ جو سهارو وٺي احتجاج ۾ رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ساڳئي ڏينهن حڪومت استحصال ڪشمير ڏينهن ملهايو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي مظاهرن سبب ڪشمير جي حق ۾ ٿيندڙ پروگرامن جو اثر گهٽجي ويو. ڪاش پي ٽي آءِ، ٻئي ڏينهن مظاهرا ڪري ها ته بهتر هجي ها. هاڻي 78هين آزاديءَ جي ڏهاڙي تي، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي پنهنجي جهنڊن سان روڊن تي آڻڻ جي تياري ٿي رهي آهي.سوال اهو آهي ته ڇا عمران خان جي آزادي لاءِ، پي ٽي آءِ مناسب دٻاءُ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي؟ ان جو جواب ”نه“ ۾ آهي. ها، هي ضرور ظاهر ٿيو آهي ته سموري جبر جي باوجود، پارٽي زنده آهي، پر اهڙي ڪمزور احتجاج سان عمران خان جي آزادي ممڪن نه آهي. جيڪڏهن اي آءِ ذريعي ڏيکاريل انگ جيترا ماڻهو واقعي سڙڪن تي نڪري اچن، ته ڪا به طاقت عمران خان کي گهڻي وقت تائين جيل ۾ نه رکي سگهي.
تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي آل پارٽيز ڪانفرنس جي گڏيل پڌر نامي ۾ قومي ڳالهه ٻولهه ۽ نئين ميثاقِ جمهوريت جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. حڪومت به سياسي ڊائلاگ بابت مثبت جواب ڏنو آهي. هاڻي اپوزيشن کي به حڪومت سان ڳالهين ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي، ۽ حڪومت کي به پنهنجي مثبت روين کان پوئتي هٽڻ جو ڪو بهانو ڏيڻ نه گهرجي.