پاڪستان جو اقتصادي مرڪز، سنڌ ۽ پاڪستان جو ۽ سڀ کان وڏو شهر ڪراچي ڳنڀير ٽريفڪ جي حادثن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جتي ڊمپر ٽرڪون ۽ ٻيون ڳريون گاڏيون موتمار حادثن جو سبب بڻجي رھيون آھن. راشد منهاس روڊ تي پيش آيل تازو المناڪ واقعو، جتي هڪ ڊمپر 22 سالن جي ڀيڻ سندس 14 سالن جي ڀاءُ جي زندگي کسي ورتي ۽ سندن والد کي زخمي ڪيو، هن وڌندڙ مسئلي جو واضح مثال آهي. هن واقعي عوامي غصي کي ڀڙڪايو، ستن ڊمپر ٽرڪن کي باهه ڏني وئي، جنهن ڪري ٽرانسپورٽرن اهم شاهراهن کي بند ڪري ڇڏيو، ۽ ٽريفڪ مفلوج ٿي وئي. 2025 جي پهرين ستن مھينن ۾ مجموعي ٽريفڪ حادثن ۾ 536 انسان اجل جو شڪار ٿيا آھن ۔ انھن مان 20 ڊمپر ٽرڪن ۽ 44 واٽر ٽينڪرن جي ڪري ٿيا.
هي بحران ٽريفڪ جي قانونن جي وسيع بي عملي، ڪمزور روڊن جي اڏاوتي ڍانچي، ۽ لاپرواهه ڊرائيونگ سان لاڳاپيل انتظامي ناڪامين کي پڌرو ڪري ٿو. ٽريفڪ حادثن جي ڪري پاڪستان جي جي ڊي پي جو 2-3 سيڪڙو ساليانو نقصان ٿئي ٿو. اهي واقعا عوامي غصي کي وڌائين ٿا، اختيارين تي عوامي اعتماد کي ڪمزور ڪن ٿا، تشدد ۽ احتجاج جو اھڙو ڦيرو پيدا ڪن ٿا، جيڪو واپار ۽ روزاني زندگي جي ڪارونھوار کي متاثر ڪري ٿو.
ٽريفڪ حادثن ۾ في متاثر شخص تي سراسري سٺ ھزار طبي خرچ سان گڏ سندن ڪمائڻ جي صلاحيت تي پڻ اثرپوي ٿو۔ جڏھن ته راھگيرن لاءِ اھو نقصان سراسري طور ٻيڻو ٿي وڃي ٿو. ست ڊمپر ٽرڪن کي باهه کانپوءِ ٽرانسپورٽرن اهم شاهراهن کي بند ڪري ڇڏيو۔ عالمي انگ اکر ڏسجن ته ڊرائيور جي غلطي ڊمپر ٽرڪ حادثن جو 60 سيڪڙو سبب بڻجي ٿي۔ پاڪستان ۾ لڳاتار ڊرائيونگ جي ٿڪاوٽ ۽ وت کان گھڻو بار جي ڪري اڃان ان غلطي جي سيڪڙي ۾ واڌ اچي ٿي.
ڪجهه اھم سبب:
ڪراچيءَ جو ڊمپر بحران ڪيترن ئي لاڳاپيل عنصرن مان جنم وٺي ٿو. گهڻي بار / اورلوڊ جي ڪري، مثال طور، ناھموار ۽ چڱي ريت تعمير نه ٿيل روڊن تي بريڪ لڳائڻ جو فاصلو 10-20 سيڪڙو وڌائي ٿو، ننڍين غلطين کي خطرناڪ حادثن ۾ تبديل ڪري ٿو. ٽريفڪ ۽ ھر قسم جي گاڏين بابت قانونن ۽ قاعدن جي عملداري نه ھجڻ جي ڪري اڃان انھن ڀڃڪڙين کي ھٿي اچي ٿي، جڏهن ته اڻپورا يا سالن کان ٺھندڙ روڊ خاص ڪري رش واري جاين/ مارڪيٽن ۾ غيرمحفوظ ڊرائيونگ جو محرڪ بڻجن ٿا.
- لاپرواهه ڊرائيونگ ۽ انساني عنصر
ڊرائيور اڪثر 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ مشقت ڀري شفٽن ۾ ڪم ڪن ٿا۔ ميٽرو ڪيب ٽيڪسين ۾ ته ھڪ ڊرائيور 24 ڪلاڪ ٽيڪسي ھلائي وري ايندڙ 24 ڪلاڪ آرام ڪندو ھو؛ اِھو طريقو انتھائي خطرناڪ آھي۔ وڌيل اهو ٿڪ ڊرائيور جي رد عمل جي وقت کي 50 سيڪڙو گهٽائي ٿو. سندس اکين ۽ دماغ جي تڪڙي فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت کي متاثر ڪري ٿو۔ ڪيترن ئي ھيوي ۽ عام گاڏي ھلائڻ وارن ڊرائيورن وٽ سکيا ناهي، جنهن ڪري بلائنڊ اسپاٽ ( ڊرائيونگ ۾ بلائنڊ اسپاٽ اها جڳهه آهي جتي توهان پنهنجي گاڏيءَ جي چوڌاري سڌو سنئون نه ٿا ڏسي سگهو، جيتوڻيڪ آئينن سان مدد ملي ٿي. اهي جڳهيون عام طور تي گاڏيءَ جي پاسن يا پويان هونديون آهن. اتي ٻيون گاڏيون، ماڻهو يا شيون لڪي سگهن ٿا) خاص طور تي ڪراچيءَ جي ھر قسم جي ٽريفڪ ۾ جتي موٽر سائيڪلون ۽ پيادا، رڪشا وغيرھ محدود جڳهه لاءِ پاڻ ۾ مقابلو ڪن ٿا، اتي بلائنڊ اسپاٽ يا ٻين سببن جي ڪري وڌىڪ حادثا ٿين ٿا- ھندستان جي ممبئي جهڙن شهرن ۾ غير تربيت يافته ڊرائيونگ شهري حادثن جو 40 سيڪڙو سبب بڻجي ٿي، جيڪا ڪراچيءَ ۾ اڃان به وڌيڪ آھي.اسان وٽ سيکڙاٽ ۽ بگڙيل نوجوان پنھنجي غير محفوظ ڊراِئيونگ سان ڪئي زندگيون جوکم ۾ وجھن ٿا.
ڊرائيورن ۾ نشي جي عادت به هڪ سنگين مسئلو آهي، جيئن پاڪستاني ڪمرشل ڊرائيورن تي ڪيل تحقيق مان ظاهر ٿئي ٿو ته نشي جو استعمال ٽرڪ ۽ بس ڊرائيورن ۾ عام آهي، جيڪو حادثن جي خطري کي وڌائي ٿو. تربيت جو نه ھجڻ، 21 سالن کان مٿي عمر جي ڪنھن به شخص ھيوي لائسنس جو آرام سان حاصل ٿيڻ، ڏنڊن جو گھٽ ھجڻ، سزائن جو ڪمزور نظام پڻ مسئلي کي ھٿي ڏين ٿا۔ سنڌ حڪومت جيتوڻيڪ لائسنس جي سسٽم ۾ ڪافي بھتري آندي آھي؛ پر اڃان گھڻو ڪجهه ٿي سگھي ٿو۔ .
- روڊن جي اڏاوتن ۾ بھتري آڻڻ جي ضرورت
يونيورسٽي روڊ کوٽيو پيو آھي؛ ۽ ڪجهه ٻين رستن تي اوچتو موڙ وٺڻو پوي ٿو، جڏهن ته بنا ڪنھن خبرداري جي نشانن جي، ڪن حالتن ۾ وچ ۾ پيل کڏا ۽ رات جي وقت گھٽ روشني، رفليڪٽرز نه ھئڻ خطرن کان بي خبر رکن ٿا۔ تحقيق ٻڌائي ٿي ته روڊن جي خراب سار سنڀال مال ڍوئيندڙ گاڏين ۾ حادثن جي انگ کي ٻيڻو ڪري ٿي.
- گاڏين جو گهڻو بار ۽ سار سنڀال جي گهٽتائي
ٽرڪ باقاعدگي سان وزن جي حد کان 10-20 سيڪڙو وڌيڪ بار کڻن ٿا، جيڪو بريڪن تي دٻاءُ وجهي ٿو ۽ رول اوور يا ناڪامي جو سبب بڻجي ٿو. ناقص هائيڊرالڪ سسٽم ۽ ٽائر ڦاٽڻ، گهٽ سار سنڀال جي ڪري، عام آهي. اهو نه رڳو حادثن جي شدت پر ماحول جي گدلاڻ پڻ وڌائي ٿو.
- قاعدن جي عملداري ۽ ادارتي ڪمزوريون
رڳو 5,000 ٽريفڪ جو عملي سان ، جيڪي 9,000 جي ضرورت واري شهر لاءِ اڻپورا آهن، گھڻي بار جھڙيون عام نظر ايندڙ ڀڃ ڪڙيون مروج رشوت ۽ منٿلين جي ڪري نظرانداز ڪيون وڃن ٿيون. هي ادارتي نقص هڪ فيڊبيڪ لوپ جوڙي ٿو يعني هڪ اهڙو چڪر جيڪو پاڻ کي مسلسل مضبوط ڪندو رهي ٿو، جيئن ڪو بال جيڪو جبل تان ڪري ۽ وڌيڪ رفتار پڪڙي. هي چڪر هن طرح ڪم ڪري ٿو: ڊمپر ٽرڪن جا حادثا عوام ۾ غصو پيدا ڪن ٿا، جيڪي ماڻهن کي روڊن تي نڪرڻ ۽ ٽرڪن کي باهه ڏيڻ تي مجبور ڪن ٿا. اهي احتجاج شاهراهن کي بند ڪن ٿا، جنهن ڪري پوليس ۽ ٻين وسيلن تي دٻاءُ وڌي ٿو. ان جي ڪري ٽريفڪ قانونن جو نفاذ وڌيڪ ڪمزور ٿئي ٿو، ڇو ته پوليس وٽ وسيلا ناهن ته هو رشوت وٺڻ بدران قانون تي سختي سان عمل ڪن. نتيجي طور، گهڻي بار وارا ٽرڪ ۽ لاپرواهه ڊرائيور گھٽ روڪ ٽوڪ جي ھلندا رھن ٿا۔
حڪمراني جا مسئلا ان کي وڌيڪ گھرو ڪن ٿا، جهڙوڪ پوليس ۾ منٿلي جو نظام جيڪو ٻين غير قانوني ڪمن سان گڏ ڊمپر ٽرڪن ۽ ٻين کي هلڻ جي اجازت ڏئي ٿو، وري وڏين ٽرڪن جي ڪاروبار پويان تمام ڳرا مافيائن جھڙا گروپ آھن جن جي آڏو وري بظاھر پوليس ۽ ٻيا ادارا بي وس آھن!
موٽر سائيڪلن کان وٺي وڏين گاڏين تائين، سگنل جو احترام نه ڪرڻ، پنھنجي بچاءُ لاءَ ھيلميٽ وغيرھ نه پائڻ، ون وي ٽوڙڻ، غلط جاءِ تان غلط وقت ڪراس ڪرڻ وغيرھ ان حادثن جي سببن کي تمام گھڻو وڌائين ٿا- هي عنصر هڪ ٻئي سان جڙيل آهن۔ پاڪستان ۾ ھرسال انھن روڊ حادثن جي ڪري ڪئي سؤ اربن جو نقصان ٿئي ٿو۔
عملي حڪمت عمليون ۽ حل:
سنڌ حڪومت جيڪا صبح 6 بجي کان رات 11 بجي تائين ڳرين مالبردار گاڏين تي پابندي ھنئي آھي، ان تي عمل گھٽ ٿو ٿئي، ان کي مڪمل طرح عمل ۾ آندو وڃي۔ ان ٽرڪ ڪرفيوز سان گڏ پيدل هلندڙن لاءِ فوٽ پاٿ، پلون ۽ ٻيا اڏاوتي ڪم حادثن جي ڪري موت جي انگ کي 15-25 سيڪڙو گهٽائي سگھن ٿا؛ اھي تحقيق ٿيل نتيجا آھن۔. راشد منهاس روڊ جهڙن هاءِ اسپاٽس تي پائلٽ پروگرامن جي نگراني ڊيٽا ڊيش بورڊز ذريعي ڪئي وڃي.
ڊمپر ٽرڪن جي جاءِ تي ننڍيون، هلڪيون گاڏيون يا ٽرڪ استعمال ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ڪراچيءَ جي سوڙھن روڊن لاءِ وڌيڪ محفوظ ۽ قابل عمل آهن. ريل مال گاڏي جو نظام، جهڙوڪ پورٽ قاسم کان بارجز، وڏي پئماني تي سامان جي ترسيل لاءِ روڊن تي انحصار گهٽائي سگهي ٿو۔ اي آءِ سان هلندڙ اسپيڊ ڪيمرا ۽ روڊ لائيٽنگ سهراب ڳوٺ ۽ گلشن چورنگي جهڙن هاءِ اسپاٽس تي خودڪار ڏنڊ ھڻڻ سان نصب ڪيا وڃن، عالمي تحقيق ڏسي ٿي ته لائيٽنگ/روشني شهري حادثن کي 30-40 سيڪڙو گهٽائي ٿي. خطرن جي نشاندھي، بورڊ وغيرھ گھٽ خرچ وارا اھم عمل آھن۔
ڊرائيورن جي تربيت ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ کي لازمي ڪيو وڃي۔ ڳري ٽريفڪ لاءِ خاص لين جوڙيل آھن ته ان تي عمل ڪرايو وڃي ۽ جتي ناھن اتي جوڙيا وڃن۔ اترين باءِ پاس تي خودڪار گهڻي بار جي سڃاڻپ جو نظام ھڻي سگھجي ٿو جيڪو تڪڙي همه وقت ڄاڻ ذريعي ڀڃڪڙين کي روڪي سگھي ٿو۔ ڊمپرز تي جي پي ايس ٽريڪرز، ڪيمرا، ۽ انشورنس لازمي ڪيا وڃن، جيڪي ڳتيل علائقن مان ري روٽنگ/ ٻيو رستو وٺڻ ۽ ڊيٽا سان هلندڙ پوليسنگ ۽ اقتصادي طور ساھتا کي ممڪن بڻائن ٿا قانوني جوابدھي امير غريب، ڏاڍي ھيڻي لاءِ ھڪ ڪري ڪئي وڃي۔ ڪميونٽي/ شھرين جي شموليت وڌائي وڃي، متاثرن جي معاوضي لاءِ فنڊز ۽ عوامي بيداري مھم پڻ ھلايون وڃن۔ پوليس سٽيزن ليئزان ڪميٽيون فعال نه رھيون آھن؛ اھڙا فورم عام ماڻھن کي فائدي ڏيڻ لاءِ ھئڻ گھرجن۔ پيدل هلندڙن لاءِ سب وي، پل، ۽ سائيڪلن لاءِ لين جوڙيا وڃن ته جيئن انھن کي ٽرڪن کان الڳ ڪيو وڃي. بي آر ٽي وارن منصوبن کي وسيع رٿابندي ڪري جلد مڪمل ڪيو وڃي۔ صرف لاھور وارو ماڊل اسان کي گھڻو ڪجهه سيکاري سگھي ٿو۔