خدا هر انسان کي ڪنهن نه ڪنهن خاص ڏات سان نوازيو آهي، جيڪا ان جي وجود جي اندر لڪل هوندي آهي. جيڪڏهن ان ڏات کي سڃاڻڻ ۽ نکارڻ لاءِ محنت ڪئي وڃي، ته اها صرف هڪ قابليت نه، پر انسان جي سڃاڻپ، طاقت ۽ ڪاميابيءَ جو سرچشمو بڻجي سگهي ٿي. دنيا جي سامهون اسان پنهنجون صلاحيتون ڪيئن پيش ڪريون ٿا، اهو اسان جي شعور، علم، ۽ محنت تي مدار رکي ٿو.سنڌ، اها ڌرتي جيڪا تهذيبن جو گهوارو رهي آهي، صدين کان وٺي قومن، قبيلن، ۽ مختلف ذاتين کي پنهنجي هنج ۾ جاءِ ڏني آهي. هيءَ سرزمين نه صرف انسانيت جي پرورش ڪئي، پر آرٽ، ثقافت، ۽ ڏاهپ جو پڻ سرچشمو رهي آهي. سنڌ جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ فن ۽ ڏات جون بيشمار صورتون آهن، جيڪي اڄ به اسان جي ثقافتي ورثي جو حصو بڻيل آهن.
مُهين جو دڙو سنڌ جي تاريخي عظمت جو زنده ثبوت آهي اتي مان مليل سمبارا جو مجسمو آرٽ جي لطافت ۽ فني شعور جي عڪاسي ڪري ٿو. ان مجسمي مان رڳو سنگتريشيءَ جو هنر نه، پر قديم سنڌي تمدن جي جمالياتي حس جو به اظهار ٿئي ٿو. ڪپهه کي اڻي ڪپڙو ٺاهڻ، اجرڪ کي نفيس رنگن سان سينگارڻ، ۽ رلي جي ترتيب اهي سڀ سنڌي هنر جا اهڙا شاهڪار مثال آهن، جيڪي هن ڌرتيءَ جي سجاڳ شعور جي گواهي ڏين ٿا.
ساڳئي وقت، شاعر به دنيا جي آرٽسٽن ۾ هڪ اعليٰ مقام رکن ٿا. لفظن سان جذبن جي ترجماني ڪرڻ، فڪر کي شاعراڻي رنگ ڏيڻ، ۽ سماجي سچائين کي نغمن جي صورت ۾ بيان ڪرڻ هڪ اعليٰ فن آهي. سنڌ جي شاعري به هميشه فڪر، جمال، ۽ مزاحمت جو آواز رهي آهي. سنڌ ڏات، هنر، ۽ فڪر جي سرزمين آهي هتي جو هر فرد جيڪڏهن پنهنجي اندر جي روشنيءَ کي سڃاڻي، ته اها روشني رڳو ان جي نه، پر سڄي سماج جي سُڌاري جو سبب بڻجي سگهي ٿي. جيئن ڌرتي تي هر شئي، هر مسئلو، هر ڳالهه پنهنجي وجود، احساس ۽ معنيٰ سان ڀريل آهي، تيئن ئي شاعر به ان ڌرتي جا حساس ترجمان ٿين ٿا جيڪي لفظن جي ذريعي دنيا جا درد، خواب، خوشيون ۽ حقيقتون بيان ڪن ٿا.
شاعري رڳو جماليات جو اظهار نه، پر شعور جي جاڳ آهي، فڪر جي اُڏام آهي، ۽ روح جو سڏ آهي. ڪن شاعرن جو قلم ذڪرِ خدا ۾ مست هوندو آهي اُهي ڪائنات جي پسمنظر ۾ ربّ جي حسن جا جلوا ڳولين ٿا؛ سندن شاعري تصوف جي روشنيءَ سان ڀرپور هوندي آهي، جتي الف ۽ لام جي وچ ۾ عشق جي ڪهاڻي لکي ويندي آهي. ٻيا اهڙا شاعر به ٿين ٿا، جيڪي محبوب جي اکين، ساهن، نازن، ۽ نخرن کي ڪاغذ تي گلن جيان وکيرين ٿا. سندن لفظن ۾ چاهت جو رس هوندو آهي، حسن جي حيرت هوندي آهي، ۽ وصل جي تمنا.پر ڪي شاعر وري وقت جي زخمن تي رڳو مرهم نه، پر صدائون لڳائن ٿا اُهي شاعر ظلم جي راتن ۾ به پنهنجي قلم کي تلوار بڻائن ٿا. اهي نه رڳو جنت جا خواب ڏسن ٿا، پر ڌرتيءَ کي ئي جنت بڻائڻ جي جستجو ۾ هوندا آهن.
سندن شاعري فڪر جي مشعل آهي، جدوجهد جي صداءِ بازگشت آهي، ۽ ڌرتي سان عشق جو ثبوت آهي. اهڙا شاعر نه رڳو لکندا آهن، پر ساهن سان جهليندا آهن، جيئندا آهن، ۽ لفظن ذريعي زماني سان وڙهندا آهن. ڌرتيءَ جا شاعر، پنهنجي وطن جي جبلن، درياهن، گلن، ٻوٽن، وڻن، جانورن، جيتن ۽ فطرت جي تخليق ڪيل هر ذري ۽ زيور جي واکاڻ ڪن ٿا؛ ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ مٽي صرف زمين نه، پر محبت، ساهه، سڃاڻپ ۽ سچائيءَ جو سرچشمو آهي. اسان خوش نصيب آهيون جو اسان جي ورثي ۾ اهڙو شاعر آيو، جيڪو صرف رباني رمز يا محبوب جي حسن تائين محدود ناهي، پر هو زمين تي ٿيندڙ ظلم، ناانصافين ۽ ڏاڍ خلاف پنهنجي سُرَ، لفظن ۽ درد سان احتجاج ڪري ٿو.هو اسان کي سيکاري ٿو ته اخلاقي قدر ڇا هوندا آهن، رشتن جي پاڪيزگيءَ جو قدر ڪيئن رکبو آهي، مقصدن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪيئن ڪبي آهي، ۽ ظلم جي اوندھ آڏو حق ۽ صداقت جو ڏيئو ڪيئن ٻاربو آهي. اهو ڪو عام شاعر نه، پر اسان جو لطيف آهي سنڌ جو روح، سچ جي صدا، محبت جو مرشد حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي. لطيف اسان جو رهبر ڇو آهي؟ ڇا اسان ڪڏهن سوچيو آهي؟
رهبر صرف واٽ ڏيکاريندڙ ناهي، پر اهو وجود آهي، جيڪو اوندھ ۾ ڏيئو، مايوسيءَ ۾ اُميد، ۽ بيقراريءَ ۾ قرار بڻجي ٿو. رهبر اهو آهي، جيڪو لفظن سان واٽون روشن ڪري، دلين ۾ همٿ جا شعلا ٻاري، ۽ پنهنجي قوم جو سر بلند ڪري.شاهه لطيف ڀٽائي اهو نالو آھي، جيڪو نه رڳو شاعريءَ جو بلند ترين مثال آهي، پر رهبريءَ جو لازوال مينار به آهي. سندس هر سُر، هر شعر، حوصلي، يقين، ۽ جدوجهد جي ترغيب سان ڀريل آهي.مون کي پڪو يقين آهي ته جڏهن ڪو ٿڪو، ٽٽل، مايوس انسان لطيف جا بيت پڙهندو، ته سندس اندر جي ڇيڻي ۾ به هماليا وانگر اُڀريون اُميدون جنم وٺنديون. لطيف جي شاعري رڳو لفظن جو وِٿُ نه، پر اها درد کي ڏاهپ، تڪليف کي طاقت، ۽ مايوسيءَ کي سگهه ۾ بدلائڻ جو فن آهي. چاهي ڪهڙو به سُر هجي، هر هڪ ۾ زندگيءَ جو سبق سمايل آهي. پر جڏهن اسان سُر سسئي پڙهون ٿا، تڏهن روح لوڏجي ٿو، ته هيءَ ڪهڙي سچائي آهي! سسئي جي سيني ۾ جيڪو ساه آهي، تنهن ۾ هر صبر آزمائيءَ جي اڳيان نڀاڳ جي باهه ٻريل آهي.اهو سر نه فقط محبت جي عظمت بيان ڪري ٿو، پر اهو به سيکاري ٿو ته جدوجهد ڪڏهن به خالي نٿي وڃي ڀلي تڪليفون هجن، پر رستو نه ڇڏجي.
لطيف لکي ٿو:
ورئتيون ورو آئون نه ورنديس ور ري.
جاڳهي هن جبل جو تانگھينديس ترو.
جتن ساڻ ذرو نينهن نبيرڻ نه ٿئي.
ڇا ته ڳالهه آهي! ڪيڏي نه اڻٿڪ ثابت قدمي! ڪا به مايوسي، ڪا به بي همتي، سسئي جي ارادي اڳيان بيڪار بڻجي وڃي ٿي. هوءَ چوي ٿي:
اوهين واپس وڃو، پر مان تيسين نه ورنديس، جيسين پنهنجي پنهون تائين نه پهچان.هيءَ آهي لطيف جي رهبري جتي ڪردار صرف داستان جا نه، پر انسان لاءِ رستو آهن. لطيف اسان کي سيکاري ٿو ته جڏهن مقصد پاڪ هجي، تڏهن پير نه ڪَنبن.هو رڳو شاعر نه، پر سچ جو مسافر، حوصلي جو پيغامبر، ۽ همت جو مرشد آهي ۽ ان ڪري لطيف اسان جو رهبر آهي.
سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال تي نظر وجهجي ته هڪ ويران اميدن جي ڏيگهه ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جتي هر طرف مفادن جو ميلا لڳل آهي. اڄ جو سياسي ميدان نه قوم جي خدمت لاءِ آهي، نه اصولن جي جنگ لاءِ، پر صرف ذاتي مفادن جي تکي بازي لاءِ. جن کي قوم نجات ڏيندڙ سمجهيو، سي ئي سوداگر نڪتا.نام نهاد ليڊر قوم جي رت ۾ رنگ رچائيندي، اقتدار جي ڏاڪڻ چڙهڻ لاءِ هرڪو وسيلو جائز سمجهي رهيا آهن. حڪومت بي حس، بي عمل، ۽ بي ڌيان بڻجي چڪي آهي، ۽ اها رياست، جنهن کي ماءُ هجڻ گهرجي ها، سو نٿو لڳي ته ڪنهن ڀلوڙي جي به ماءُ آهي.هن ملڪ جي هر نئين صبح سان ڪا نئين شام ٿيندي آهي ۽ اها شام ڪا عام نه، پر ظلم، ناانصافي، ۽ مايوسيءَ جي شام هوندي آهي.
زمينن تي غير قانوني قبضا، درياهن تي ڌاڙا، جبلن جي ڪٽائي، ٻيلن جو وڍ، جبري گمشدگيون، اجها لاش، مذھب جي جبري تبديلي، بيروزگاري، بک وگهي ٿيندڙ خودڪشين، عورتن سان زيادتي ۽ معصوم ٻارن سان ڏاڍائي هي سڀ ان ناڪارا نظام جا ڌار ڌار چهرا آهن، جنهن ۾ انسانيت ڳري چڪي آهي، ۽ انصاف دفن ٿي ويو آهي.
اهڙي خوفناڪ تصوير اڳيان اچڻ سان، لطيف جو اهو درد ڀريو بيت دل کي ڇھي ٿو:
وائي وڃيم شال ـ ڪنن سين ڪين سڻان ـ
ڀلو ڪري ڀال ته اکين سين انڌو ٿيان ـ شاھ
لطيف جي اِها وائي صرف شاعرانه واڳ نه، پر پنهنجي سماجي ضمير جو آئينو آهي ـ جتي هو چوي ٿو ته جيڪڏهن اهڙو منظر ڏسڻو آهي، اهڙا آواز ٻڌڻا آهن، ته سچ پچ ته اکيون ۽ ڪن جيڪر هجن ئي نه!
پر لطيف جي فلسفي ۾ مايوسي جو انجام نه، پر جدوجهد جي شروعات آهي. ڇو ته جيتوڻيڪ سماج بدبوءِ سان ڀرجي ويو آهي، جتي منافق، مفاد پرست ۽ بيوفا ماڻهو سچ کي لڪائڻ لاءِ گڏ ٿي ويا آهن، تڏهن به ڪجهه اهڙا فرد آهن، جن جي دلين ۾ پنهنجي ڌرتي لاءِ سچي محبت، انصاف لاءِ بيچيني، ۽ حق لاءِ نياپا آهن. اهي ئي قوم جا سچڙا سپوت آهن، جيڪي هن تاريخي ۽ سياسي ويرانيءَ ۾ به وک وک وڌائڻ لاءِ تيار آهن.
اهي ئي لطيف جي اهڙي بيت کي پنهنجو منشور بڻائين ٿا:
ڏاگهن، ڏيرن، ڏونگرن، ڏکن آئون ڏڌي
پڇان پير پنهون جو، وجهان وک وڌي
لکي آئون لڌي، ناته پٽن ڪير پنڌ ڪري.
اهي ماڻهو، سچ جي راهه تي اڪيلا صحيح، پر ثابت قدم آهن. سي ڏک، ڏاڍ، ۽ ڏونگر نه ٿا ڳڻين، بس پنهنجو پير پنهنجي پياري سرزمين جي خيال تي رکن ٿا، ۽ پويان نه ٿا موٽن. انهن جو پيغام آهي ته جدوجهد ۾ اوهان ڪنهن جو انتظار نه ڪريو، بس پنهنجو پنڌ پاڻ شروع ڪريو، ڇو ته فتح ڪڏهن به جٿن سان نه، پر نيتن سان ٿيندي آهي.اهڙي دور ۾ لطيف جي شاعري صرف دلين جي تسلي نه، پر هڪ سياسي ۽ انقلابي منشور آهي جيڪو ٻڌائي ٿو ته ظلم جي رات ڊگهي سهي، پر سچ جي سحر کي روڪي نٿي سگهي.
اهڙن ڪردارن جو حق جي راھ تي بي لوث پنڌ ڪنهن به ڌر يا فرد تي ڪو احسان نه هوندو آهي، پر اها سندن عزم، جرئت ۽ دل جي صداقت جو مظاهرو هوندو آهي، جيڪو انهن کي اجازت نٿو ڏئي ته هو پنهنجي ويڙھ ۾ پل ڀر لاءِ به جهڪن يا رڪجن. مان اڳ به ذڪر ڪري آئي آهيان ته لطيف رڳو شاعر ناهي، پر هڪ فڪري اڳواڻ، هڪ روحاني رهنما ۽ هڪ انقلابي فڪر جو علمبردار آهي، جيڪو نه صرف جماليات جي دنيا ۾، پر عملي سياست ۽ قومن جي آزادي جي راھ ۾ به مشعل راھ آهي.
لطيف اسان کي سچ ۽ حق سان بيهڻ، پنهنجي ڌرتي ۽ قوم سان وفادار رهڻ جو سبق ڏئي ٿو. سندس شاعري ۾ اها ڪڙڪ، اها ڌڙڪ، اها لَلڪار واضح نظر اچي ٿي، جيڪا مظلومن کي پنهنجو آواز بڻائڻ جي سگهه ڏئي ٿي.
سندس هي بيت ته ڪنهن منشور کان گهٽ ناهي:
سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري
حيف تنين کي، هوءِ وطن جن وساريو.
لطيف جي فڪر ۾ وطن سان محبت رڳو جذباتي وابستگي نه، پر هڪ شعوري، فڪري ۽ انقلابي رشتو آهي. اهو لطيف ئي آهي، جيڪو سر مارئي جي زباني حاڪمن کي للڪاري ٿو. جڏهن مارئي پنهنجي ڌرتيءَ کان جدا، بادشاهه جي قيد ۾ آهي، تڏهن به هوءَ جھڪي نٿي، نه ويس وڳن جي لالچ ۾ اچي ٿي، نه آسائشن جي ڌوڪي ۾. هوءَ سچ ۽ واعدي تي قائم رهڻ جو اعلان ڪندي چوي ٿي:
پٽ نه پهريان سومرا، جانڪيتان جيان
آءُ ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان
جانسين ٿي جيان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو.
هتي مارئي رڳو محبوبه نه، پر انقلابي عورت آهي، جيڪا ڌرتيءَ سان ڪيل عهد لاءِ سڀ تڪليفون سهندي آهي پر سر نه جهڪائيندي آهي. اها ئي روح آهي جيڪا لطيف جي شاعريءَ مان ڦٽي نڪري ٿي سچي وفاداري، ڌرتيءَ سان عشق، ۽ ناانصافيءَ خلاف بي ڊپ ويڙهه.
لطيف، منهنجي نظر ۾، رڳو شاعر نه پر هڪ انقلابي رهنما آهي، جيڪو دورن، نسلن ۽ حالتن کان مٿانهون ٿي، قومي شعور، سياسي سجاڳي ۽ اجتماعي مزاحمت جو رستو ڏيکاري ٿو. هو اسان کي سڌو سنئون ٻڌائي ٿو ته تحريڪ ڪيئن جوڙجي، ان جا ڪردار ڪهڙا هجن، انهن جو اخلاق، وفاداري، ۽ قربانيءَ جو معيار ڪهڙو هجي.
آريسر صاحب جو چوڻ به هن تناظر ۾ بلڪل موزون آهي:
جڏهن به مظلوم قومون پنهنجن حقن لاءِ گڏ ٿينديون آهن، ته حاڪمن جي سيني تي مُڱ ڏربا آهن، ۽ سماج ۾ تبديليءَ جو هڪ نئون باب رقم ٿيندو آهي.
اهو ئي لطيف جي پيغام جو نچوڙ آهي، جيڪو چوي ٿو:
اگهن مڙي اڄ، ڪيو سڏ صحت کي
ڏور ڏکندا ڀڄ، مهريءَ منهن ڏيکاريو.
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان لطيف کي رڳو پڙهون نه، پر سمجهي، پنهنجي عمل ۾ آڻيون. ان جي واٽ تي هلي، دشمنن جي اک ۾ ڪنڊو بڻجي بيهون، حاڪمن جي رعونت کي للڪاريون، ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي سچائيءَ کي عملي اظهار ڏيون. لطيف جي سنڌ اڃا به زنده آهي، جاڳيل آهي، مزاحمتي آهي سنڍ نه ٿي آهي!
هلڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، منجهائين مرڪ
وجهن تان نه فرق، رڪ وسندي راند ۾.