نوشهرو فيروز ويجهو مٺياڻي جو رهواسي هڪ نوجوان، ساجد علي چانڊيو، پنهنجي هٿن ۾ لال رت جهڙا احساس، اکين ۾ هزارين اميدن جا مينهن، ۽ دل ۾ هڪ چمڪندڙ مستقبل جا خواب کڻي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جا پنڌ ڪري اکين ۾ اوجاڳا سجائي ۽ اڻٿانڪو وجود کڻي قدم تي قدم رکي سالن تائين پنهنجا پير رت ڪري محنت، بک، اڻ پورن وسيلن ۽ سماجي بي اعتنائيءَ جي باوجود، هن پنهنجي علم جي ياترا جاري رکي درد ۽ پيڙائن جا پهاڙ طئي ڪري ڊگريون حاصل ڪيون۔ هر ڊگري سندس لاءِ هڪ روشن دري هئي، ان اميد سان جيڪا کيس روزگار، عزت ۽ سڃاڻپ ڏانهن وٺي ويندي پر…
سماج جي بيحسي ۽ بيقدريءَ هن جي خوابن کي سڙي ويل پنن وانگر خاڪ ڪري ڇڏيو۔ جڏهن هن ڏٺو ته ميرٽ جا دروازا بند ٿي ويا آهن، ۽ ڪرپشن بيپاڙي ول جيان هر هنڌ ڦهلجي وئي آهي، جتي پئسي ۽ سفارش جي ڌاريان ماڻهو درجا حاصل ڪن ٿا، اتي سندس محنت جو ڪهڙو مُلهه؟ هن جي قلم جي لکي وئي هر سٽ، هر رات جي اٿاهه جاڳ ۽ هر امتحان جي پورهئي جو قدر ڪو به نه رهيو۔ پنهنجي پوڙهي پيء ۽ جيجل ماءُ جا خواب ساڀيان ٿيڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري علم جي رسي کي پنهنجي ڪمزور ۽ غربت جي هيڻن هٿن سان پڪڙي خوابن جا ڏيئا ٻاري پنهنجي مستقبل کي روشن ڪرڻ چاهيو ٿي پر اهي سمورا خواب ۽ اميدون انڌيرن جي ور چڙهي ويون۔ ۽ پوءِ، هڪ ڏينهن…هن پنهنجي سمورين ڊگرين کي هٿن ۾ کنيو، جن تي سندس پگهر ۽ قربانين جا نشان هئا، ۽ انهن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو۔ ڀڙڪندڙ شعلا، ڄڻ سندس دل جي اندر سڙندڙ مايوسين جي باهه جو اظهار هئا۔ اهو صرف ڪاغذ نه ساڙيا ويا، اهو اميدن جو جنازو، محنت جي قبر، ۽ ميرٽ جي لاش تي رکيل آخري شمع هئي۔
ساجد علي چانڊيو جو پيغام سادو پر ڏکيو هو: "جتي علم کي عزت نه ملي، جتي محنت جو مُلهه نه هجي، ۽ جتي روزگار جي ڪنجي پئسي ۽ سفارش جي هٿن ۾ هجياتي غريب جي ڊگرين جي ڪا اهميت ناهي.” اهو منظر صرف هڪ نوجوان جو فرياد نه آهي، اهو هزارين تعليم يافته بي روزگار نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪن آهي، جيڪي خاموشي سان پنهنجي اندر ئي اندر کي ساڙي رهيا آهن۔ اسان جو سماج جڏهن به محنت، ميرٽ ۽ ايمانداريءَ کي بي قدريءَ جي باهه ۾ اڇلائيندو، تڏهن علم جي روشني جا ڏيئا هڪ هڪ ٿي وسامندا رهندا، ۽ نتيجي ۾ اسان جي قوم اونداهين ۾ ويڙهجي ويندي۔اسان ڪڏهن اهو ڏينهن ڏسنداسين، جڏهن علم واقعي عزت جو سبب هوندو، نه ته صرف باهه ۾ ساڙڻ لاءِ هڪ ڪاغذ جو ڍير؟
نوشهروفيروز لڳ مٺياڻيءَ جي هوائن ۾ هڪ عجيب اڻڄاتل ٿڌڪار هئي۔ شهر جي رستن تي قدرت جي فطرت جا خوبصورت رنگ ڄڻ ڪنهن درد جي ڳالھه چپ چاپ ٻڌائي رهيا هئا۔ هڪ دل جي اندر، باهه لڳي رهي هئي۔ اها باهه ڪا چُلهي جي نه هئي، اها بيوسي جي اونداهين ۾ چمڪندڙ ڪنهن جذباتي احتجاج جو شعلو هئي۔ ساجد علي چانڊيو، هڪ عام غريب گهراڻي جو نوجوان، جنهن جي هٿن ۾ ننڍپڻ کان ڪتاب هئا، جنهن جا ڏينهن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڏاڍا ڏکيا گذريا، ۽ جنهن جو خواب هو ته هو ڪنهن ڏينهن پنهنجي ڊگرين جي آڌار تي پنهنجي خاندان جي زندگي بدلائي ڇڏيندو، اڄ پنهنجي ئي اميدن جي جنازي کي ڪلهي تي کڻي بيٺو هو۔
سندس هٿن ۾ يونيورسٽين ۽ ادارن جا ڏنل سرٽيفڪيٽ، مارڪ شيٽون ۽ اعزازي سرٽيفڪيٽ هئا۔ اهي سڀئي سندس زندگيءَ جي محنت جا يادگار خواب هئا۔ پر اڄ، اهي ساڀيان نه ٿي سگهيا اهي ڊگريون اهي ڪاغذ هن لاءِ بيڪار ٿي چڪا هئا۔ ڇاڪاڻ ته هن جي اکين آڏو هڪ اهڙو سماج هو، جتي نه ميرٽ جي ڪا عزت هئي، نه محنت جو ڪو اجر، نه ئي غريب جي ڪنهن قربانيءَ جي ڪا قيمت۔ انهن انمول ڊگرين کي باھه آهستي آهستي انهن ڪاغذن کي چاٽڻ لڳي۔ پهرين ڪنڊون ڪاريون ٿيون، پوءِ سڄا صفحا لال ٿي باهه ۾ خاڪ ٿي ويا۔ شعلا، ڄڻ ڪنهن جي دل جي اندر ساڙيل خوابن جو ٻرندڙ اظهار هئا۔ ڊگريون ساڙڻ وقت ساجد جي اکڙين جي پنبڙين ۾ هيري جي ڪڻ جهڙا لڙڪ چمڪي رهيا هئا۔پر اها رڳو آسُ نه هئي، اها بي وسيءَ جي آخري حد هئي، جتي ماڻهو پنهنجي ئي پورهئي کي ساڙي، ان جو ماتم پاڻ ئي ڪري۔
ساجد جي باهه ۾ ساڙيل ڊگريون صرف سندس شخصي احتجاج نه هيون، پر هي هزارين تعليم يافته نوجوانن جي زندگيءَ جو الميو هو۔ اسان جو سماج، جنهن ۾ ڪرپشن ايترو گهيرو ڪري چڪي آهي، جو هر نوجوان مايوسين جو شڪار آهي۔ جتي ميرٽ جي تعريف ڪتابن تائين محدود ٿي وئي آهي، ۽ جتي غريب جي محنت صرف امتحاني ڪاپي تائين سمجهي وڃي ٿي، اتي ساجد جهڙا نوجوان آخر ڇا ڪن؟ "جيڪو ماڻهو پنهنجي جوانيءَ جا بهترين سال تعليم لاءِ وقف ڪري، جيڪو پنهنجي گهر جي هر خواهش کي قربان ڪري علم حاصل ڪري، ۽ پوءِ جڏهن روزگار لاءِ وڃي ته کيس چيو وڃي “سفارش آڻ، يا رقم ڏي” ته پوءِ ڇا اها ڊگري ساڙڻ کان وڌيڪ ڪو ٻيو احتجاج ممڪن آهي؟” ساجد جي هن عمل کي، شايد ڪي ماڻهو جذباتيت سڏين، پر حقيقت ۾ اهو هڪ علامتي موت هو علم جي عزت جو موت، ميرٽ جي لاش جو جنازو، ۽ محنت جي قتل جي شاهدي۔ اسان جا تعليمي ادارا هر سال هزارين گريجوئيٽ پيدا ڪن ٿا، پر روزگار جي دروازن تي “صرف پئسي وارن لاءِ داخلا” جو بورڊ لڳل آهي۔ بس افسوس سان سندس ساڙيل ڊگرين جو دونهون، آسمان ڏانهن اڀري رهيو هو، ڄڻ ان عرش تي ويٺل خالق کي دانهن ڏئي رهيو هو ته:
اي رب! هتي زمين تي، تنهنجي ڏنل علم جي بيحرمتي ٿي رهي آهي، هتي محنت جو قدر ختم ٿي چڪو آهي، هتي انصاف مري ويو آهي…” هي واقعي اسان سڀني لاءِ هڪ آئينو آهي۔ جيڪڏهن اسان ان ۾ پنهنجو چهرو ڏسون، ته شايد شرم کان اسان جي نگاهون جهڪي وڃن۔ ڇا اسان جو معاشرو واقعي تعليم کي عزت ڏيندو آهي؟ ڇا اسان جا حڪومتي ادارا واقعي ميرٽ تي ڀرتيون ڪن ٿا؟ ڇا اسان جي پاليسين ۾ غريبن لاءِ ڪا جاءِ آهي؟ نه بلڪل نه!
جيستائين انهن سوالن جا ايمانداري سان جواب نٿا ملي سگهن، تيستائين ساجد جهڙا نوجوان پنهنجن خوابن کي ساڙيندا رهندا، ۽ اسان جهڙا تماشائي، صرف تصويرون ۽ خبرون شيئر ڪري، پاڻ کي حساس سمجهندا رهنداسين۔
ساجد علي چانڊيو جي باهه، رڳو هن جي گهر جي ڇت تائين محدود نه آهي۔ اها باهه هر ان نوجوان جي دل ۾ لڳي رهي آهي، جيڪو پنهنجي ڊگرين سان گڏ اميدون به کڻي بيٺو آهي، پر روزگار جي دروازن کي ڪرپشن جا تالا چڙهيل آهن ، جيڪي صرف پئسن ۽ سفارشن جي چاٻين سان کلندا آهن ۔ غريبن جا ٻار پنهنجي ڊگرين جون هڙون پٺن تي رکي مايوس ٿي واپسي جي واٽن ٿي ڀٽڪي ويندا آهن ۔ ڪي ڊگري يافته نوجوان ان مايوسي جو شڪار ٿي آپگهات ڪندا آهن يا وري ساجد علي چانڊيو جيان پنهنجي اميدن جي ڪاغزن کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندا آهن۔اسان ڪڏهن اهو ڏينهن ڏسنداسين، جڏهن ڊگرين کي ساڙڻ بدران، انهن تي فخر سان نوڪريون ملنديون؟ جڏهن سفارش ۽ ڪرپشن جا دروازا بند، ۽ ميرٽ جا دروازا کليل هوندا؟ جيڪڏهن اهو ڏينهن نه آيو، ته باهه رڳو ڪاغذن کي نه، پر سڄي قوم جي مستقبل کي ساڙي ڇڏيندي۔