ڳڙهي ياسين( رپورٽ:حبيب الله ڪمبوھ) ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ۾ زمين جي معاملي تان بروهي ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ، فائرنگ ، هڪ ڄڻو مارجي ويو 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ نوشهرو ابڙو لڳ پيرزاده باغ جي زمين جي تڪرار تان علي حسن بروھي ۽ سڄڻ جتوئي جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ٻنهي ڌرين جي هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ بروهي ڌر جو محبوب ناريجو مارجي ويو جيڪو زمين تي ڪم ڪري رهيو هو جڏهن ته جتوئي ڌر جا 2 ڄڻا شهپر جتوئي ۽ محمد سومر جتوئي پڻ زخمي ٿي پيا.اهڙي واقعي جو اطلاع ڳڙهي ياسين پوليس کي ڏنو ويو جيڪا اطلاع ملڻ شرط واقعي واري هنڌ پهچي فائرنگ بند ڪرائي لاش تحويل ۾ وٺي لاش ڳڙهي ياسين اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب عملي اسپتال کي تالا هڻي احتجاج ڪري رهيا هئا جنهن بعد لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ شڪارپور نيو ويو ، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين نهال خان بروهي ٻڌايو ته جتوئي ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿيو، جهيڙو بند ڪرايو آهي، هڪ ڄڻو محبوب ناريجو مارجي ويو آهي جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ زخمين کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.