مٽياري (رپورٽ :ضمير خاصخيلي)شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته اسان جا شاعر ۽ اديب، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيروي ڪندي، سنڌ جي امن ۽ محبت جو پيغام سڄي ملڪ ۾ پهچائي رهيا آهن،لطيف سرڪار هر موضوع تي شاعري ڪئي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ جي دانشورن کي گڏ ويهارڻ جي ضرورت آهي ته جيئن نوجوانن کي بيروني قوتن جي اثرن کان محفوظ رکيو وڃي. هن چيو ته گڏيل ادبي سرگرميون نوجوانن کي گمراه ٿيڻ کان روڪين ٿيون مهمانِ خصوصي، وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي چيو ته سنڌ جي ڌرتيءَ تان امن ۽ محبت جو پيغام کڻي وڃي رهيا آهيون۔ هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جو رشتو مضبوط ۽ ڊگهي عرصي وارو آهي جڏهن ته گورنر سنڌ محمد ڪامران ٽيسوري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 282هين عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن مزار تي حاضري ڏيئي فاتحه خواني ڪئي ۽ چادر چاڙهي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان سڀ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا پُٽ آهيون، سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو هجڻ اسان لاءِ وڏي نعمت آهي، شاهه سائين جو پيغام امن ۽ محبت جو پيغام آهي.