شهيد بشير خان سنڌو درياءُ جي تحريڪ جو نمايان ڪردار هو: صنعان قريشي

رتوديرو(پ ر) رتي ديري ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪز پاران جسقم جي شهيد چيئرمين سنڌ جي ارڏي پٽ بشير خان قريشي جي 66 هين سالگره جي مک تقريب سندس  مزار آڏو منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ جسقم ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي  ۽ ٻين سان گڏ شهيد جي مزار تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري بعد ۾ شھيد جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته شھيد بشير خان قريشي سڄي زندگي سنڌ جي خدمت ڪئي ھن 300 سئو کان وڌيڪ قبيلائي جھيڙا ختم ڪرايا. سنڌ ۾ ڌاري آبادي خلاف ڀرپور جدوجھد ڪئي. ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽي تي ٺھندڙ ذوالفقار آباد ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبي خلاف مسلسل تحريڪ ھلائي مقامي ماڻھن جي زمينن جا ھزارين کاتا قبضي ٿيڻ کان بچايا. ھي سنڌ دريا جي تحريڪ جو نمايان ڪردار رھيو جسقم چيئرمن وڌيڪ چيو ته اڄ سنڌ درياءُ تي قبضي جون سازشون پيون ٿين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي والار ڪئي پئي وڃي جنھن سبب سنڌ جو وجود خطري ۾ آھي. جسقم سالگرھ تقريب کي امجد خان مهيسر، ديدار شام، مومن سمون خطاب ڪندي چيو ته شهيد بشير خان قريشي کي سنڌ هر تڪليف ۾ ياد ڪري ٿي، شهيد جي جدوجهد جي طريقيڪار تي هلي سنڌ جي سلامتي لاءِ جدوجهد جاري رهندي. ان موقعي تي قومي ادبي ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي وئي جنهن ۾ اديبن ٖ دانشورن ٖ شاعرن ۽ ساڃاهوندن شرڪت ڪري شهيد جي زندگي تي روشني وجهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. شھيد بشير خان قريشي تي لکيل شاعري جي مرتب ڪيل آزاد انور جي  ڪتاب سنڌ جي نقشي ۾ شاعري  ۽ ناياب سرڪش جي لکيل ناول عشق کي اڌ رنگ جي مھورت ڪئي وئي جنھن بعد  صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل به ٿي محفل ۾ صوفي راڳين علي حسن خاصخيلي ۽ ٻين  صوفياڻا ڪلام پيش ڪيا جڏھن ته شاعرن پنهنجي شاعري پڙھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.