ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪمت اعلان ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ 25 آگسٽ کانپوءِ بنا ٽريڪر ۽ ڪئميرائن وارن ڊمپرن کي داخلا جي اجازت نه هوندي.
واضح رهي ته ڪراچي جي علائقي راشد منھاس روڊ تي ڊمپر جي موٽرسائيڪل کي جي نتيجي ڀيڻ ۽ ڀاءُ فوت ٿي ويا هئا، جنهن کانپوءِ مڇريل هجوم ڊمپر ڊرائيور تي تشدد ڪري 7 ڊمپرن کي باهه ڏئي ڇڏي هئي.
ان کانپوءِ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته ڇنڇر جي رات ٽِين وڳي ڪراچي ۾ هڪ ٻيو اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ همراهه پنهنجي ڌيءَ ۽ پٽ کي موٽرسائيڪل کي وٺي وڃي رهيو ته رستي ۾ ڊمپر سان حادثي جو شڪار ٿي ويو، جنهن ۾ ٻه معصوم ٻار فوت ٿي ويا ۽ پيءُ زخمي ٿي پيو.
سندس چوڻ هوته واقعو بعد پوليس ڊمپر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڊمپر تحويلي ۾ ورتو، جڏهن ته ڪجهه شرپسند روڊن تي نڪري آيا ۽ ستن ڊمپرن کي باهه ڏئي ڇڏي.
هن واضع ڪيو ته حڪومت ڪنهن به ڌمڪي يا دٻاءَ ۾ نه ايندي ۽ شرپسندن خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويندو.
صوبائي وزير چيو ته ” هن شهر ۾ ٻيهر لساني سياست، ڇڙواڳي، ڀتا خوريءَ واري سياست ٿيڻ نه ڏينداسين.“
ياد رهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڊمپرن جي حادثن ۾ نتيجي ۾ ڪيئي شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
ٻئي پاسي ايڊشنل آءِ جي ڪراچي ڪوتاهي جو الزام لڳائيندي يوسف پلازا ۽ فيڊرل بي انڊسٽريل ايريا جي ايس ايڇ اوز کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ واقعي جي جاچ لاءِ چار رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
منھاس روڊ تي مڇريل ماڻهن طرفان ست ڊمپرن کي ساڙڻ جا ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن ۾ مجموعي طور 160 نامعلوم ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حادثي جي متاثر ڪٽنب ڊمپر ڊرائيور خلاف ڌار ڪيس داخل ڪيو ويو ، جنهن تي ڪارروائي ڪندي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديا جاويد جو چوڻ آهي ته ڊمپرن کي باهه ڏيڻ واري واقعي ۾ 14 کان 15 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.