اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد قيصر جنرل باجوه کي ايڪسٽينشن ڏيڻ تي قوم کان معافي گهري ورتي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف اسد قيصر چيو آهي ته جنرل باجوه کي ايڪسٽينشن ڏيڻ اسان جي سڀ کان وڏي غلطي هئي، باجوه کي ايڪسٽينشن ڏيڻ واري سنگين غلطي تي قوم کان معافي ٿا گهرون، ايندڙ وقت ۾ اسان اهڙي قسم جي فيصلي جو حصو نه بڻجنداسين، ملڪ جو موجوده طرزِ حڪمراني نه آئيني آهي ۽ نه قانوني، عملي طور ملڪ مارشل لا هيٺ هلي رهيو آهي ۽ فيصلا ذاتي پسند ناپسند تي ٿي رهيا آهن، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن 27هين آئيني ترميم تي ڳالهائيندي چيو ته هن قانونسازي تي هڪ نئون ڊرامو شروع ٿي ويو آهي، جنهن بابت وڪيل برادري سان رابطا ڪري هلندڙ مهيني اسلام آباد بار سان ملاقات ڪئي ويندي. پي ٽي آءِ هر فورم، جنهن ۾ پارليمان، عدالتون ۽ عوام شامل آهن، استعمال ڪندي ناانصافي ۽ جبر خلاف جدوجهد جاري رکندي، جڏهن ته هن مهيني پرڏيهي سفارتڪارن سان ملاقاتون ۽ هڪ سيمينار به رکيو ويندو. اسد قيصر جو چوڻ هو ته عدالتن جا فيصلا ميرٽ بدران ادارن جي دٻاءُ هيٺ ٿين ٿا، جڏهن ته سياسي قيدين جا ڪيس دٻاءُ بدران ميرٽ تي طئي ٿيڻ گهرجن. جيڪڏهن ڪيسن جي ٻڌڻي سڌي سنئين نشر ڪئي وڃي ته قوم ڏسندي ته هي ڪيترو وڏو ڊرامو آهي. اڳوڻي اسپيڪر جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي ۾ به هڪ تماشو لڳل آهي، جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ جو طريقو، نظام هلائڻ جو انداز ۽ ميمبرن کي اڊياله جيل آڏو ذليل ڪرڻ واري صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.