حيدرآباد(رپورٽر) گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري حيدرآباد پهتو. جتي هن حيدرآباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته هتي اچڻو جو پروگرام جو مقصد 14 آگسٽ جشن آزادي ۽ معرڪه حق جي سلسلي ۾ آهي آئون معرڪه حق ۽ جشن آزادي جي سلسلي ۾ منعقد ٿيندڙ ميوزڪل شو جي ڪاميابي تي سنڌ حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته حيدرآبد ۾ ٿيندڙ ميوزيڪل شو هجي يا اڄ جو باغ مصطفيٰ ميگا ميوزيڪل ايونٽ هجي يا وري آئي ٽي ڪورسز هجي حيدرآباد جي عوام جا سٺا ڏينهن اچي ويا آهن _ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته آئي ٽي ڪورسز جي سلسلي ۾ سموريون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن ، ڪمپيوٽرز ليبس لاءِ هڪ هزار ڪمپيوٽر خريد ڪيا ويا آهن 50 کان وڌيڪ فيڪلٽي ميمبر پڻ ڀرتي ڪيا ويا آهن،هن چيو ته حيدرآباد ڊولپمينٽ پيڪيج لاءِ پهرين مرحلي ۾ 5 ارب رپين جي رقم پي آئي ڊي سي ايل جي ذريعي اچي چڪي آهي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 5 ارب رپين جي رقم وڌيڪ اچڻي آهي. حيدرآباد ۽ ڪراچي جي عوام لاءِ ڀرپور ڪم ڪنداسين. جتي ڳالهه وسيلن ۽ نوڪرين جي ٿئي ٿي يا يونيورسٽي ۽ ڪاليجن ۾ داخلا جي ٿئي ٿي ان ۾ جيڪي به ڪوتاهيون ٿيون آهن انهن کي ختم ڪنداسين.