سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪي ڊي اي ۽ ايس بي سي اي آفيسرن تي ڪاوڙ

ڪراچي(رپورٽر) سرجاني ٽائون ۾ نجي ملڪيت جي چار ديواري مسمار ڪرڻ وارو معاملو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪي ڊي اي ۽ ايس بي سي اي آفيسرن خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي، ٻڌڻي دوران عدالت ڪي ڊي اي ۽ ايس بي سي اي آفيسرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته بغير ڪنهن خلاف ورزي جي ڪنهنجي ڀت ڪيئن ڀڃي سگهو ٿا؟ شهري جو جيڪو نقصان ٿيو آهي ان کي پورو ڪيو وڃي، شهري جي مسمار ڪيل ڀت ٻيهر ٺاهي ڏيو, ايندڙ ٻڌڻي تائين شهري جي نقصان جو ازالو نه ڪيو ويو ته توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪنداسين, آفيسرن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويندو، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ڪهڙي قانوني تحت نجي ملڪيت جي ڀت ڪيرائي وئي؟ سموري شهر ۾ غيرقانوني اڏاوتون تي رهيون آهن، ايس بي سي اکيون بندر ڪري ويٺي آهي، روز اخبارن ۾ غيرقانوني اڏاوتن ۾ ملوث آفيسرن جون خبرون لڳي رهيون آهن، ان باوجود آفيسرن خلاف ڪجهه نٿو ٿيئي، عدالت پاران ايندڙ ٻڌڻي تي توهين عدالت جي زمري ۾ ايندڙ آفيسرن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو، عدالت درخواستگذار کي آفيسرن جا نالا درخواست ۾ شامل ڪرڻ جي به هدايت ڪندي ٻڌڻي 27 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي،.

..

 شهري نذير پاران ايس بي سي اي ۽ پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.