ڪراچي(رپورٽر)ناروي ڪپ ٽرافي سنڌ اسيمبلي ۾، ناروي ڪپ جي فاتح ٽيم، پارلياماني سيڪريٽري ۽ ايم پي اي لياري، شازيه ڪريم سنگهار سان گڏ سنڌ اسيمبلي پهچي وئي.اسپيڪر سنڌ اسيمبلي اويس قادر شاهه، سينيئر وزير شرجيل ميمڻ، اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني، مخالف ڌر اڳواڻ صابر راجپوت ايوان ۾ آجيان ڪندي چيو ته اهي اسان جا قومي هيرو آهن، هنن ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو آهي۔ان موقعي تي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ، وزيراعليٰ سنڌ ۽ اسپورٽس ڊپارٽمينٽ جي طرفان انعام ۽ اڪرام جي خاطري ڪرائيندي چيو ته وزيراعليٰ سنڌ ۽ اسپورٽس ڊپارٽمينٽ باضابطه طور انهن ٻارن لاءِ سندن شايان شان انعامن جو اعلان ڪندا۔ان موقعي تي دلچسپ صورتحال تڏهن پيدا ٿي، جڏهن آغا سراج دراني ٽرانسپورٽ وزير شرجيل ميمن کي چيو ته توهان جي طرفان به انهن ٻارن کي ريڊ بس جو تحفو ڏنو وڃي، ته جيئن ٻارن کي شهرن جي وچ ۾ ٿيندڙ ميچز ۾ سهولت ملي، جنهن تي اسيمبلي ميمبرن ڊيسڪ وڄائي تائيد ڪئي.