لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) وليد ٿاڻي جي حد ۾ بااثر حملو ڪري عورت سميت ٽن ڄڻن کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جن۾ قربان شيخ، عبدالرشيد ۽ پيرسن خورشيده خاتون شامل آهن، زخمين چيو ته ٻارن جي ڳالھه تان جھيڙو ٿيو، بااثر لياقت شيخ، ارشاد شيخ، مشتاق علي، الطاف شيخ ۽ ٻين گھر ۾ گھري لٺيون ۽ سريا هڻي زخمي ڪيو، هن گهر ڪئي ته مک جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻي پاسي پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.