ڪراچي(رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾جسٽس شفيع صديقي ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ بلديا فيڪٽري سانحي واري ڪيس ۾ جوابدارن جي موت واري سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي، سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ پاران اپيل کي ٽي رڪني بينچ آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جسٽس شفيع صديقيپنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ جي فيصلي خلاف اپيل سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ٻڌي سگهي ٿي، اين جي اوز جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته اپيلن کي پرنسپل سيٽ اسلام آباد منتقل ڪيو وڃي، جسٽس شفيع صديقي چيو ته اهو انتظامي معاملو آهي پاڪستان جو چيف جسٽس ان تي آرڊر جاري ڪري سگهي ٿو، ٻه رڪني بينچ ڪيس جي منتقلي جو معاملو چيف جسٽس آف پاڪستان جي روبرو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، انسداد دهشتگردي جي عدالت جوابدار رحمان عرف ڀولا ۽ زبير عرف چريا کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي هئي، سنڌ ها۽ ڪورٽ به موت واري سزا جو فيصلو برقرار رکيو هو.