صحافي اڪبر نوتيزئي کي نوٽيس: ڪراچي پريس ڪلب جي سخت مذمت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب روزاني ڊان سان وابسته سينيئر صحافي اکبر نوتيزئي کي فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) سائبر ڪرائم ونگ پاران هڪ تحقيقي رپورٽ تي جاري ڪيل نوٽيس جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، ان کي صحافت جي آزادي، اظهارِ راءِ جي حق، ۽ پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 19 جي کلي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو آهي، ڪراچي پريس ڪلب پاران جاري بيان ۾ صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري سهيل افضل خان ۽ مجلسِ عامله چيو آهي ته صحافي اکبر نوتيزئي کي ڏنل نوٽيس رياستي طاقت جي ناجائز استعمال جي بدترين مثال آهي، جيڪو ذاتي انتقام تي ٻڌل آهي ۽ ان سان صحافيءَ کي ذهني اذيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اظهارِ راءِ جي آزاديءَ تي هي حملو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. ملڪ ۾ هاڻ خبر ڏيڻ به جرم بڻايو ويو آهي، جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي. پريس ڪلب جي عهديدارن زور ڀري مطالبو ڪيو آهي ته سينيئر صحافي اکبر نوتيزئي کي جاري ڪيل نوٽيس فوري طور تي واپس ورتو وڃي، صحافين کي پنهنجا پيشورانه فرض آزادانه طور ادا ڪرڻ جي مڪمل ضمانت ڏني وڃي، ۽ اهڙين آمراڻي سازشن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.