کنڊ مهانگي ڪرڻ تي ڏنڊ خلاف شگر ملز پاران اپيل داخل

اسلام آباد (بيورو+م ڊ)2021ع ۾ گٺ جوڙ ذريعي چيني مهانگي ڪندڙ 50 شوگر ملز، جيڪي 44 ارب رپين جي جرماني کي منهن ڏئي رهيون آهن، انهن ٽربيونل جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي، مسابقتي ڪميشن موجب 2021ع ۾ شوگر ملز تي ڪارٽلائزيشن ڳٺ جوڙ ذريعي قيمتون وڌائڻ ثابت ٿيڻ بعد 44 ارب رپين جو جرمانو هنيو ويو هو، شگر ملزڪميشن جي فيصلي خلاف مسابقتي ٽربيونل ۾ ويا هئا، جنهن ڪيس ٻيهر ٻڌڻ جو حڪم مسابقتي ڪميشن کي ڏنو هو، هاڻ جڏهن معاملو سپريم ڪورٽ ۾ اپيل جي صورت ۾ داخل ٿي ويو آهي، ته ڪميشن ٻڌڻي لاءِ نئين تاريخون مقرر ڪري ڇڏيون آهن،  ٻڌڻي هاڻ 22 سيپٽمبر کان 25 سيپٽمبر تائين روزاني بنيادن تي ٿيندي، مسابقتي ڪميشن جو چوڻ آهي ته انصاف جي تقاضائن کي مدنظر رکندي ٻڌڻي کي مختصر وقت لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي، پر 22 سيپٽمبر کان پوءِ ڪنهن به ملتوي ڪرڻ کانسواءِ روزانو ٻڌڻي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.