آمريڪا پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو برآمدي ملڪ بڻجي ويو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)واپار واري وزارت جي ذريعن موجب، پاڪستان جو آمريڪا سان واپاري سرپلس گذريل 4 سالن دوران 14 ارب 44 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي ويو آهي، ذريعن موجب، هن عرصي دوران آمريڪاڏانهن پاڪستان جون برآمدات 23 ارب 24 ڪروڙ ڊالر رهيون، جڏهن ته آمريڪا مان درآمدات جو حجم صرف 8 ارب 80 ڪروڙ ڊالر رهيو، گذريل مالي سال 24-2023 دوران پاڪستان جو آمريڪا سان واپاري سرپلس 4 ارب 9 ڪروڙ ڊالر رهيو، جڏهن ته برآمدات جو حجم 5 ارب 84 ڪروڙ ڊالر هو، ان ئي سال آمريڪا مان درآمدات 1 ارب 74 ڪروڙ 40 لک ڊالر رهيون، جنهن جي نتيجي ۾ سرپلس 4 ارب 2 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، مالي سال 24-2023 ۾ آمريڪا ڏانهن پاڪستان جون برآمدات 5 ارب 29 ڪروڙ ڊالر رڪيون، جڏهن ته ان سال درآمدات 1 ارب 26 ڪروڙ ڊالر تي بيٺيون، واپار واري وزارت جي انگن اکرن مطابق، مالي سال 23-2022 ۾ پاڪستان جو آمريڪا سان واپاري سرپلس 3 ارب 25 ڪروڙ ڊالر رهيو. ان دوران پاڪستاني برآمدات 5 ارب 28 ڪروڙ 50 لک ڊالر ۽ درآمدات 2 ارب 3 ڪروڙ 30 لک ڊالر رهيون،مالياتي سال 22-2021 ۾ واپاري سرپلس 3 ارب 7 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، ان دوران برآمدات جو حجم 6 ارب 83 ڪروڙ ڊالر رهيو، جڏهن ته درآمدات 3 ارب 76 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ڪيون ويون، واپاري معاهدي جا مثبت اثر مارڪيٽ تي به نظر آيا، جتي 100 انڊيڪس پهريون ڀيرو هڪ لک 41 هزار کان مٿي بند ٿيو.

  1. ”غزاجنگ بند ڪرايو“،اسرائيلي انٽيليجنس جي اڳوڻن سربراهن جو ٽرمپ کي خط

تل ابيب(م ڊ)اسرائيل جي ڳجهي اداري موساد جي اڳوڻي سربراهه تمير پاردو، شين بيت جي اڳوڻي چيف امي ايالون ۽ آءِ ڊي ايف جي اڳوڻي نائب سربراهه ماتان وِلنائي سميت 600 کان وڌيڪ اسرائيلي سيڪيورٽي ادارن جي اڳوڻن اعليٰ آفيسرنآمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو تي دٻاءُ وجهن ته جيئن غزا ۾ جاري جنگ کي فوري طور ختم ڪيو وڃي، هي خط ڪمانڊرز فار اسرائيل سيڪيورٽي نالي تنظيم پاران لکيو ويو آهي، جيڪا اسرائيل جي سيڪيورٽي، پوليس، فوج ۽ سفارتي ادارن جي اڳوڻن آفيسرن تي ٻڌل سڀ کان وڏي تنظيم آهي، خط ۾ صدر ٽرمپ کي مخاطب ڪري چيو ويو آهي غزا  جي جنگ بند ڪرايو، توهان لبنان ۾ اهو ڪم ڪيو، هاڻ وقت آهي ته غزا ۾ به اهو ئي ڪيو وڃي، اڳوڻي اسرائيلي سيڪيورٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج اڳ ۾ ئي جنگ جا ٻه بنيادي هدف حاصل ڪري چڪي آهي ، خط ۾ چيو ويو آهي ته اسان جو پيشه ورانه تجزيو آهي ته حماس هاڻي اسرائيل لاءِ ڪو به اسٽريٽجڪ خطرو نه رهي آهي. جيتري به محدود دهشتگردي باقي آهي، اسرائيل ان سان پاڻ منهن ڏئي سگهي ٿو. حماس جا جيترا به چند رهجي ويل اڳواڻ آهن، انهن کي بعد ۾ به پڪڙي سگهجي ٿو، پر يَرغمالين لاءِ وڌيڪ انتظار ممڪن نه آهي، اڳوڻي سيڪيورٽي آفيسرن خط ۾ لکيو آهي ته ٽرمپ جو اسرائيلي عوام تي ذاتي اثر ۽ نيتن ياهو تي سياسي دٻاءُ جنگ روڪڻ، يرغمالين کي واپس آڻڻ ۽ غزه لاءِ نئين رستي جو بندوبست ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو، جيڪو اصلاح ٿيل فلسطيني اختيارين جي اڳواڻي ۾ ٿي سگهي ٿو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.