مظفر آباد( م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير جي صدر ۽ اڳوڻو وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس موجب سردار نيازي سماهني ۾ پي ٽي آءِ جي ريلي کي خطاب ڪرڻ لاءِ پهتو هو، جتان کيس حراست ۾ ورتو ويو، پوليس جو چوڻ آهي تهعبدالقيوم نيازي کي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ کان اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو، ڊي آءِ جي لياقت چوڌري ٻڌايو ته سردار نيازي جي گرفتاري 16 ايم پي او تحت عمل ۾ آندي وئي ۽ ان لاءِ حڪم ڊپٽي ڪمشنر طرفان جاري ٿيو هو، واضح رهي ته سردار عبدالقيوم نيازي ٻه ڏينهن جي دوري تي ڀمبر پهتو هو. هو 4 آگسٽ 2021ع کان 14 اپريل 2022ع تائين آزاد ڪشمير جو وزيراعظم رهيو.