حيدرآباد(رپورٽر) وومين ايڪشن فورم پاران عورتن جي قتل، ڪارو ڪاري، جنسي زيادتي، گهريلو ۽ جنسي تشدد ۽ حراسان ڪرڻ سميت ٻين واقعن بابت 4 سالن جي انگن اکرن تي ٻڌل رپورٽ پڌري ڪرڻ جيحوالي سان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ويهڪ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ وومين ايڪشن فورم جي عورت اڳواڻن، انساني حقن جي ڪارڪنن، سماج سڌارڪن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. ويهڪ ۾ عورتن جي قتل، ڪاروڪاري جي واقعن، جنسي تشدد ۽ حراسان ڪرڻ جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو ته سنڌ ۾ عورتن جو قتلام وڌي رهيو آهي، حڪومت جي غير سنجيدگي جي ڪري عورتون غير محفوظ بڻجي ويون آهن، پوليس عورتن جي قتل ۽ ٻين واقعن جا ڪيس ناقص جاچ ڪري قاتلن جي ساٿاري بڻجي لوڙهي ڇڏي ٿي. ان موقعي تي نامياري صحافي وصعت الله خان چيو ته اهو وڏو الميو آهي ته عورت ٻاھر کان گھر ۾ وڌيڪ غير محفوظ آهي، عورتن جي قتل جي 90 سيڪڙو ڪيسن ۾ گھرڀاتي شامل ھوندا آھن. هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ عورتن جون صرف 7 پوليس اسٽيشنون آھن، جتي عورتن جا ڪيس داخل ڪرڻ جو اختيار آهي، ان مان لڳي ٿو ته حڪومتون ۽ رياست نٿي چاهي ته عورتن جو قتلام بند ٿئي. هتي قانون ته گهڻا موجود آهن، پر انهن تي عمل نٿو ٿئي. هن چيو ته عدالتن ۾ پنهنجي حق لاءِ ڪيس وڙهندڙ عورت جي مخالف وڪيل بيعزتي ڪندي ڏٺو وڃي ٿو، عورت جج کي ئي عورتن جا ڪيس ھلائڻ گھرجن، ڇو ته عورت جج عورتن جا ڪيس سمجھي سگھي ٿي. هن چيو ته جنسي زيادتي جو نشانو بڻجندڙ عورتن جي ڪيس جي جاچ کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ليبارٽرين ۽ ليب سميت جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪرڻ گهرجي، دارالامان جو ماحول آزاد ھئڻ گھرجي.هن چيو ته جنسي زيادتي جي ڪيسن ۾ گھرڀاتين سميت خود جنسي زيادتي جو شڪار عورتون داٻن ۽ ٻين سبب جي ڪري هٿ کنيو ڇڏين ۽ نتيجي طور ڪيس لڙھي ويندا آهن. وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌو رپورٽ پيش ڪندي چيو ته عورتن جي خودڪشين ۽ ڪاري ڪري مارڻ وارن واقعن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌارو ٿي رهيو آهي، عورتن کي قتل ڪندڙن ۾ وڏي اڪثريت ويجھن عزيزن جي آھي. عورت اڳواڻ عرفان ملاح چيو ته ٽن سالن ۾ قتل ۽ زخمي ٿيل، جنسي زيادتي ۽ تشدد جو شڪار ٿيل عورتن جا ھي صرف انگ اکر ناھن، پر ھي کلندڙ ۽ مسڪرائيندڙ چھرو رکندڙ ڇوڪرين ۽ عورتن جا انگن اکرن جي صورت ۾ زخم آھن. هن چيو ته پوليس متاثر عورتن جا ڪيس داخل ناھي ڪندي، ايس ايس پي سطح تي موٽ ملندي آھي، پر اھي به واقعي مان عارضي جان ڇڏائيندا آھن، ٿيندو اھو ئي آھي جيڪو ايس ايڇ او چاھيندو آھي. ايس ايڇ او ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ناھي چاھيندو. مرد پوليس آفيسرن ۽ عورت پوليس آفيسرن ۾ گهڻو فرق آھي. حيدرآباد جهڙي شهر ۾ به ساڳي صورتحال آهي. ويف اڳواڻ حسين مسرت چيو ته ھڪڙا مرد عورتن جا قاتل ٿين ٿا ۽ ٻيا وري ڪلھي ڪانڌي ٿيڻ به پسند ناھن ڪندا، ننڍي عمر جي ڇوڪرين سان زيادتي جا واقعا وڌي رھيا آھن. پوليس وقت تي ايف آءِ آر نٿي ڪري، پوليس متاثر عورتن کي ميڊيا ٽرائل لاءِ ميڊيا حوالي ڪري ڇڏي ٿي، عورتن سان ظلم جو داستان مرد ٻڌڻ نٿا چاھين. شاعره خالده منير چيو ته ٿر ۾ 2023ع ۾ 70 سيڪڙو عورتن جي آپگھات جا ڪيس رپورٽ ٿيا، ھن دور ۾ به شادي جي بھاني سان عورتن کي ماريو وڃي ٿو. پروفيسر اسماعيل ڪنڀر چيو ته اڪثر عورتن کي پنهنجي حقن جي ڪا به ڄاڻ ناهي. عورتن کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ شهرن، اهم چوڪن ۽ چوراهن، يونيورسٽين جي ڪامن رومن ۽ ٻين پوائينٽن تي عورتن جي حقن بابت بينر ۽ پلي ڪارڊ لڳائي جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. سماجي اڳواڻ سليمان جي ابڙو چيو ته سنڌ ۾ هندو برادري سان تمام گهڻي ناانصافي ٿي رهي آهي، هندو نياڻيون غير محفوظ آهن. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تعليم جي کوٽ جو وڏو سبب ٻهراڙين جو ماحول آھي، جنھن ۾ مرد عورت استاد کي پير کان مٿي تائين جاچي ڏسندا آهن، اھڙو ماحول ٺاھيندا آھن جو عورت استاد کي اسڪول ڇڏڻو پوندو آهي. ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ غفرانه آرائين چيو ته عورتن کي مختلف ادارن ۾ جڳهه ڏيڻ گھرجي، جيئن پوليس کاتي ۾ هاڻ عورتن کي جڳهه ڏني پئي وڃي. سماجي اڳواڻ شھناز شيدي چيو اسان جي سماج ۾عورت کي انسان ئي نٿو سمجھيو وڃي، عورتن سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. رميش گپتا چيو ته ھندو برادري جون عورتون غيرمحفوظ آهن. ھندو ڇوڪرين کي ننڍي عمر ۾ اغوا ڪري سندن مذهب تبديل ڪرائي زوري شاديون پيون ڪرايون وڃن. هن چيو ته سنڌ ۾ نياڻين جون ننڍي عمر ۾ شاديون به وڏو مسئلو آھي, ان ۾ به ھندو ڇوڪريون وڌيڪ جبر جون شڪار ٿين ٿيون. ان موقعي تي ڊاڪٽر بختاور ڄام, پروفيسر مجيد چانڊيو، رافعه بنگش، ماريا ساريو، روماسا جامي چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.