پنجاب ۾ پرڏيهه مان آيل ڊاڪٽرياڻي سميت 3 ڄڻا غيرت جي نالي تي قتل

جھنگ / راجن پور (م ڊ) ڏکڻ پنجاب ۾ پسند جي شادي ڪندڙن جي قتل جون دل ڏاريندڙ خبرون سامهون آيون آهن، جتي ٻن ڌار واقعن ۾ 2 عورتن سميت 3 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو. جھنگ ۾ ڪرغزستان مان موٽي آيل ليڊي ڊاڪٽر عائشا کي سندس ڀاءُ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته راجن پور جي محمدپور علائقي ۾ هڪ نياڻي ۽ سندس مڙس کي غيرت جي نالي تي ماريو ويو. جھنگ پوليس موجب، ڊاڪٽر عائشا ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرغزستان مان واپس آئي هئي. هن وڊيو لنڪ ذريعي ڊاڪٽر حسنين سان نڪاح ڪيو هو، جيڪو سندس گهر وارن کي قبول نه هو. مقتولا کي سندس ڀاءُ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويو. هوڏانهن راجن پور پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جوڙي ڪجهه مهينا اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن سبب عورت جا مائٽن ناراض هئا. ٻنهي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ۽ جوابدار فرار ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.