سکر (رپورٽ:نعيم شاهه+آزاد مهر) ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد نئين پل بئراج وٽ نامعلوم ھٿياربندن جي پروفيسر ڊاڪٽر ڪرپال داس جي گاڏي تي فائرنگ، ڊاڪٽر ڪرپال داس محفوظ رھيو گاڏي ۾ گڏ ويٺل سندس اسسٽنٽ ۽ ٽيڪنيشن وزير ٻوھڙ مٿي ۾ ڳولي لڳڻ سبب قتل ٿي ويو. پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ٽيڪنيشن وزير ٻوھڙ جو لاش کڻائي سکر سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو۔ پروفيسر ڊاڪٽر ڪرپال داس سول اسپتال سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سکر حرا اسپتال کان خيرپور وڃي رھيس ته نامعلوم ھٿياربندن سکر بئراج پل وٽ گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ مان ۽ ڊرائيور محفوظ رهياسين پر ٽيڪنيشن قتل ٿي ويو آھي ان ڏس ۾ حد پوليس جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ھٿياربندن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو،هوڏانهن ايس ايس پي سکر اظھر خان واقعي جو سخت نوٽيس وٺي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪچي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو ڪيترائي شڪي ماڻھو گرفتار ان سلسلي ۾ ايس ايس پي سکر جي پي آر او پاران پريس رليز جاري ڪندي پريس رليز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايس ايس پي سکر اظھر خان جي ھدايت تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وڏي نفري ۽ ھيوي مشينري سان گڏ ڪچي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آھي واقعي واري هنڌ ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ پوليس جي چڪاس ۽ ناڪابندي جاري آھي ۽ پوليس جي وڏي نفري پاران مختلف هنڌن تي سرچ آپريشن دوران ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي جڏهن ته ايس ايس پي سکر چيو آھي ته پروفيسر ڊاڪٽر ڪرپال داس تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو هوڏانهن واقعي خلاف پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سکر پاران ايڇ پي سي اسپتال جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ڌرڻو هنيو ويو احتجاج دوران سمورن ڊاڪٽرن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي ۽ حڪومت کان تحفظ، انصاف ۽ امن امان بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو احتجاج جي اڳواڻي ڊاڪٽر شول داس،ڊاڪٽر پرڀو مل، واحد عباسي، ڊاڪٽر خورشيد احمد ،مکي ايشور لعل ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن احتجاج کي خطاب ڪندي چيو ته سکر ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، ايتري قدر جو هاڻ ڊاڪٽر به محفوظ ناهن. هي واقعو ان جي واضع مثال آهي ته سکر بدامني جي حساب سان ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ جهڙا منظر پيش ڪري رهيو آهي هنن چيو ته افسوس آهي جو ڊاڪٽر ڪرپال داس مٿان حملو ڪري کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن ۾ هو پاڻ ته محفوظ رهيو پر اسان جو نوجوان پيراميڊيڪل اسٽاف جو ساٿي بيگناھ قتل ٿي ويو هنن چيو ته اسان ڊاڪٽرز، جيڪي انساني زندگيون بچائڻ لاءِ ڪم ڪريون ٿا، اڄ پاڻ ئي غيرمحفوظ آهيون هي صورتحال ناقابل برداشت آهي آهي،ڊاڪٽر خادم منگي چيو ته ڀارت کي چئن ڏينهن ۾ سڌو ڪيو ويو پر هنن کان هي ڌاڙيل سڌا ڇو نٿا ٿين؟ سکر پوليس واقعي بعد اڃان تائين حملو ڪندڙ قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جيڪا سکر پوليس جي نااهلي ظاهر ڪري ٿي احتجاج ڪندڙن جو مطالبو هيو ته سنڌ حڪومت ۽ اعليٰ ادارا فوري طور تي واقعي جو نوٽيس وٺن، قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ ميڊيڪل اسٽاف کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي جڏھن ته ڌرڻو ٻه ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهيو.
-
سکر به ڪنڌڪوٽ ڪشمور جو ڏيک پيو ڏئي،ايس ايس پي هٽايو وڃي:شهري
سکر:سکر جي شهرين جو چوڻ آهي جڏهن کان هي ايس ايس پي سکر ۾ مقرر ٿيو آهي ان وقت کان وٺي اهڙو ڪوبه ڏينھن ناهي جنهن ڏينھن ڦر، چوري، ڌاڙو جهڙيون وارڌاتون نه ٿيون هجن اسان شهري گهر کان ٻاهر نه ٿا نڪري سگهون اسان جي دلين ۾ خوف ۽ حيراس پکڙجي ويو آهي اسان جي گهر جا ڀاتي اسان کي ٻاهر نڪرڻ ڪونه ٿا ڏين ته حالتون صحيح ناهن هنن چيو ڊاڪٽر ڪرپال داس تي هٿياربند جو سرعام حملو ڪرڻ ۽ سندن سرعام فرار ٿي ايس ايس پي سکر جي چٽي نااهلي آهي،هنن چيو ته هي سکر شهر توڙي آسپاس وارا علائقا هاڻي ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي ايس ايس پي کي هٽائي سکر ۾ نئون ايس ايس پي مقرر ڪري عوام جي جان مال کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي سکر خلاف احتجاجي تحريڪ هلائينداسين .
-
بدامني کان تنگ ٿي ويا آهيون،سنڌ تي هڪڙو ئي ايٽم بم اڇلائي جند ڇڏايو:هندو پنچائت
سکر:هندو پنچائت جي اڳواڻ ايشور لال چيو آهي ته اسان کي افسوس ٿئي ته الاهي ڇو هن نااهل ايس ايس پي سکر کي اسان جا ايم پي اي،ايم اين اي،وزير ۽ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ايترو برداشت ڪن ٿا،هن نااهل ايس ايس پي لاءِ ڪهڙا لفظ چئون جيڪو ڪا سيڪيورٽي فراهم نٿو ڪري سگهي،هن چيو ته بدامني جي ڪري ڪالهه اسان سڄي سنڌ جي هندو پنچائتن کي گڏ ڪري ڪٺ گهرايو،اڄ هي واقعو ٿي ويو،هن چيو ته اسان جو وڏو وزير ۽ آءِ جي سنڌ هن ايس ايس پي آڏو ايترو مجبور ڇو آهن؟عوام کي گوليون هڻائين ٿا،بلاول ڀٽو کي عرض ڪريون ٿا ته وڏي وزير،گهرو وزير ضيا لنجار،آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي سکر کي هٽائي جيئن سنڌ ۾ سڪون اچي،هاسانند سچديو چيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت رکي ٿو،جيڪو ايٽم بم ٺاهيو ويو آهي مان سمجهان ٿو ته پهرين سنڌ تي اڇلايو وڃي،سڄڻ به ويندا،دشمن به ويندا،هن چيو ته سنڌ جي حالت اها آهي ته هر ماڻهو سراپا احتجاج آهي،غريب ماڻهو ڪيڏانهن وڃن؟جيڪو جيترو رڙيون ڪري ٿو اوتري بدامني وڌي ٿي،سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته هنن کان بدامني ڪنٽرول ڇو نٿي ٿئي،ڇا پارليامينٽ ۾ ويٺل ان بدامني ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن؟
-
ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي:پي ايم اي
سکر:پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سکر جي عھديدارن ڊاڪٽر عبدالواحد عباسي، پروفيسر ڊاڪٽر افتخار علي شاھ، ڊاڪٽر علي گل شاھ، ڊاڪٽر خوش محمد سوھو، پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار سومرو، ڊاڪٽر خادم منگي ۽ ٻين پنھنجي ھڪ گڏيل بيان ۾، پروفيسر ڊاڪٽر ڪرپال داس تي گاڏي تي دھشتگردن جي انڌا ڌنڌ فائرنگ جي نتيجي ۾ وزير علي بوھڙ جي شھادت تي سخت غم ۽ غصي جو اظھار ڪندي گهر ڪئي آھي ته ھٿيار بند دھشتگردن کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي۔ ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل جي عملي کي مڪمل تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
-
ڪشمور جي بدنام ڏوهارين جي پوليس موبائل ڀرسان هٿيارن جي نمائش
غوثپور)رپورٽ:عبدالجبار اوڳاهي) ڪشمور ضلعي جي ڏوهاري گينگ جي سربراھ صدام عرف ٺيٻوڪوڪاري نندواڻي ۽ نصرالله ڪوڪاري نندواڻي جمال ٿاڻي جي پوليس موبائل اڳيان هٿيارن جي نمائش ڪندي وڊيو ريڪارڊ ڪري ٽڪ ٽوڪ ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڏوهارين صدام ڪوڪاري ۽ نصرو ڪوڪاري بي خوف ٿي پوليس جي ڀر ۾ بيھي وڊيو رڪارڊ ڪندارهيا. جمال ڍوري واري علائقي ۾ رهندڙ دهشت جي علامت بڻيل پوليس جي موجودگي ۾ بي خوف ٿي گهمندا رهيا پر پوليس ڪا ڪارروائي نه ڪئي. جنهن سبب اهي ڏوهاري بنا ڪنهن خوف جي تنگواڻي لنڪ روڊ تان گذريل ٻن ڏينهن دوران 10 کان وڌيڪ ڦر جون وارداتون ڪري پنهنجي ٿاڪن ڏانهن آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا.ٿاڻو جمال جي حد ۾ مقرر پوليس موبائل جي ڀرسان ڏوهارين جي موجودگي بابت وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ واري واقعي جو ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگھرو سخت نوٽيس ورتو آهي. ايس ايس پي ڪشمورڪارروائي ڪندي لاڳاپيل انچارج علي شير سبزوئي کي معطل ڪري لائين حاضر ڪيو آهي ۽ ان جي خلاف کاتي انڪوائري لاءِ ايس ڊي پي او سٽي ڪنڌڪوٽ فراز علي ميتلو کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.
-
آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کي هٽايو وڃي:ڊاڪٽر رخسار شاهاڻي
سکر(رپورٽر )خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر رخسار علي شاھاڻي، وائيس پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد ڦلپوٽو ۽ چيف ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر فروخ ڀنڀرو پنهنجي بيان ۾ پروفيسر ڪرپال داس جي گاڏي تي هٿياربندن جي فائرنگ ۽ سندس اسسٽنٽ جي قتل جي سخت لفظن ۾مذمت ڪندي چيو ته اهڙن واقعن سان تعليم ۽ صحت جي شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ شديد بيچيني پکڙجي رهي آهي.سندن مطالبو ڪندي چيو آهي ته آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آئي جي سکر فوري طور تي قدم کڻي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون تحت سخت سزا ڏني وڃي، جيئن خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيسرن ڊاڪٽرن ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
-
جيئي سنڌ محاذ پاران ڊاڪٽر ڪرپال داس تي حملي جي مذمت
حيدرآباد( پ ) جيئي سنڌ محاذ جي سياسي شعبي جو اجلاس سخي ستارڏنو چولياڻي ھائوس قاسم آباد تي پارٽي سربراھ رياض علي چانڊيو جي زير صدارت ٿيو اجلاس ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ان موقعي تي موقف اختيار ڪيو ويو ته موجود ھائبرڊ نظام جي خلاف بيٺل اپوزيشن وٽ سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن لٽ مار انساني حقن جي لتاڙ تي مذمت ته موجود آھي پر ڪو سياسي دڳ ناھي،سنڌ ڀڙڀانگ ٿي چڪي آھي سرڪاري سرپرستي ۾ ڪرپشن جي بازار عروج تي آھي ، سنڌ جي نوجوانن کي ھڪ دفعو وري نون پرڪشش نعرن ۾ الجھايو پيو وڃي رياض چانڊيو چيو ته سکر ۾ ڊاڪٽر ڪرپالداس تي حملي ۽ مارجي ويل اسسٽنٽ جو ڪيس مراد شاھ ۽ ضيا لنجار مٿان داخل ڪيو وڃي سنڌ اندر ڏوهاري سرعام ماڻھو مارين ۽ اغوا ڪن ٿا انهن کي ته گرفتار نٿو ڪيو وڃي خيرپور ميرس مان سماجي ورڪ عورت شھناز شيخ جي گرفتاري جي مذمت ڪجي ٿي.