فوج بدلجندڙ جنگي ماحول ۾ فيصلائتي سرسي برقرار رکندي: فِيلڊ مارشل

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج بدلجندڙ جنگي حالتن ۾ فيصلائتي برتري برقرار رکندي. پاڪ فوج جي تعلقات عامه واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب، سپه سالار ملتان گيريزن جو دورو ڪيو ۽ جديد Z-10ME اٽيڪ هيليڪاپٽر جي پاڪ فوج ۾ شموليت جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. فِيلڊ مارشل علمي ۽ سماجي شخصيتن سان ملاقات ڪندي سول ۽ فوجي هم آهنگي ۽ گڏيل خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو. فِيلڊ مارشل سيد عاصم  منير کي ملتان گيريزن جي دوراني فارمِيشن جي تيارين ۽ جاري تربيتي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي، جتي هن جوانن جي اعليٰ جذبي، پيشوراڻه صلاحيت ۽ جنگي مهارتن جي واکاڻ ڪئي. فِيلڊ مارشل جو علمي ۽ سماجي حلقن سان ڳالهه ٻولهه جو سيشن پڻ ٿيو، جتي سيد عاصم منير قومي يڪجهتي، سول-ملٽري هم آهنگي ۽ هائبرڊ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني طبقن جي گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو. فِيلڊ مارشل گڏيل هٿيارن جي حڪمتِ عملي جي ڪامياب مظاهري کي ساراهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.