ڊيل جي آفر کڻي وڃڻ تي گنڊاپور کي عمران جوتو هڻڻ وارو هو:سهيل وڙائچ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينيئر صحافي سهيل وڙائچ هڪ وڏو انڪشاف ڪندي چيو  آهي ته عمران خان کي هڪ ڊيل جي آفر ڏني وئي هئي، ۽ جڏهن علي امين گنڊاپور اها آفر کڻي عمران خان وٽ پهتو، ته خان صاحب هن مٿان جوتي کڻي هڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو.سهيل وڙائچ، معروف اينڪر منصور علي خان کي ڏنل انٽرويو ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪيون، سهيل وڙائچ موجب، عمران خان کي چيو ويواوھان بني گالا شفٽ ٿي وڃو ۽ سسٽم کي هلڻ ڏيو”پر عمران خان ان آڇ کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. وڙائچ جو چوڻ هو ته جيستائين پي ٽي آءِ طاقتور آهي، تيستائين حڪومت به هلندي رهندي، چيو ته عمران خان جي سياست ۾ سڀ کان وڏي غلطي تڏهن ٿي، جڏهن بشريٰ بي بي سياسي منظرنامي ۾ آئي. هن مطابق، عمران جا شخصي ۽ سياسي فيصلا ان وقت کان متاثر ٿيا.هڪ سوال جي جواب سهيل وڙائچ چيو ته :وعده معاف گواهه ٿيڻ جي ضرورت ئي پيش نه آئي، معاملا ان کان سواءِ ئي طئي ٿي ويا هئا.”

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.