منهنجا پٽ سياست ۾ حصو نه وٺندا

راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي پنهنجن پٽن قاسم ۽ سليمان سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي وئي. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ توشا خانا 2 ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان پنهنجي پٽن سان  رابطي جي تصديق ڪئي. رپورٽ موجب، عمران خان ٻڌايو ته انهن کي پنهنجي پٽن سان ڏيڍ ڪلاڪ فون تي ڳالهائڻ جو موقعو مليو آهي. جيل ۾ سندن اخبارون پڻ بحال ڪيون ويون آهن. عمران خان چيو ته سندس ٻار رڳو مون سان ملڻ لاءِ پاڪستان ايندا، اهي نه سياست جو صو بڻجندا ۽ نه ئي ڪنهن احتجاجي تحريڪ ۾ شامل ٿيندا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن عمران خان جي ڀيڻ عليما خان ٻڌايو هو ته قاسم ۽ سليمان پاڪستاني ويزا لاءِ درخواست ڏني آهي ۽ ملڪ ۾ اچڻ کان اڳ گهرو وزارت جي منظوري جو انتظار ڪري رهيا آهن.”چند ڏينهن اڳ سليمان ۽ قاسم پاڪستاني هاءِ ڪميشن، لنڊن ۾ ويزا لاءِ درخواست ڏني. عمران خان جا پٽ، 28 سالن جو سليمان ۽ 26 سالن جو قاسم، پهريون ڀيرو مئي مهيني ۾ پنهنجي والد جي قيد تي عوامي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ آواز اٿاريو هو.ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني چيو ته علي امين گنڊاپور جيڪڏهن صوبي ۾ امن امان قائم نٿو ڪري سگهي ته کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، هو جيڪڏهن گورننس جا مسئلا حل نٿو ڪري سگهي ته ڪنهن ٻئي کي موقعو ڏيڻ گهرجي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.