پاڪ-آمريڪا تاريخي واپاري معاهدي جي اهميت

تحرير: احسن انصاري

پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تازو ٿيل تاريخي واپاري معاهدو، نه رڳو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات آهي، پر پاڪستان لاءِ معاشي واڌاري جو هڪ سونهري موقعو پڻ ثابت ٿي سگهي ٿو. ڏهاڪن کان وٺي پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا سيڪيورٽي ۽ فوجي سهڪار جي چوڌاري گردش ڪندا رهيا آهن، پر هن واپاري معاهدي انهن لاڳاپن کي هڪ نئين، مستقل ۽ مثبت رخ ڏنو آهي.

هي معاهدو توانائي، تيل جي تلاش، سيڙپڪاري ۽ صنعتي ترقي جهڙن اهم شعبن ۾ گڏيل سهڪار تي ٻڌل آهي. خاص طور تي پاڪستان جي زمين هيٺان لڪل تيل جي وسيلن جي کوجنا ۽ ترقي لاءِ آمريڪي ڪمپنين جي شراڪت کي هن معاهدي جو بنيادي محور قرار ڏنو پيو وڃي. جيڪڏهن هي معاهدو ڪاميابيءَ سان لاڳو ٿئي ٿو، ته نه رڳو پاڪستان معاشي طور تي سگهارو ٿيندو، پر ڏکڻ ايشيا ۾ توانائيءَ جي نون مرڪزن طور اڀرڻ جو پڻ موقعو ملندو.پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا هميشه نشيب و فراز جو شڪار رهيا آهن. ٿڌي جنگ دوران پاڪستان آمريڪا جو ويجهو اتحادي رهيو، پر افغانستان ۾ طالبان جي واپسي، دهشتگردي خلاف جنگ، ۽ ڪجه حساس معاملن سبب وقت بوقت اهي لاڳاپا تڪراري ۽ ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيندا رهيا. گذريل ڏهاڪي ۾ آمريڪا ڀارت سان پنهنجن واپاري ۽ سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ ترجيح ڏني، جڏهن ته پاڪستان کي اڪثر شڪ شبهي جي نظر سان ڏٺو ويو.

بهرحال، 2021ع ۾ آمريڪي فوجن جي افغانستان مان انخلا بعد علائقي جي اهميت ٻيهر تبديل ٿي وئي، ۽ پاڪستان جي جاگرافيائي ۽ اسٽريٽجڪ حيثيت هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي منظرنامي تي ابري آئي. ان کانپوءِ پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ معاشي سفارتڪاريءَ کي مرڪزي حيثيت ڏيڻ شروع ڪئي، ۽ موجوده واپاري معاهدو انهيءَ پاليسيءَ جو عملي مثال آهي.معاهدي تحت پاڪستان ۽ آمريڪا تيل جي شعبي ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪندا. آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان جي اندر قدرتي تيل ۽ گئس جي ذخائر جي کوجنا ۽ استعمال لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سرمايو مهيا ڪنديون. ان سان گڏ، انفراسٽرڪچر، توانائيءَ جي متبادل ذريعن، صنعتي ترقي، ۽ برآمدات جي واڌاري وارن شعبن ۾ پڻ تعاون متوقع آهي.

اها ڳالهه به اهم آهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهو اعلان ڪيو هو ته پاڪستان جي وسيع قدرتي وسيلن کي ترقي ڏيڻ لاءِ ٻئي ملڪ گڏجي ڪم ڪندا. هن جو اهو بيان ته “ممڪن آهي ته پاڪستان هڪ ڏينهن ڀارت کي به تيل وڪڻڻ لڳي”، هن معاهدي جي اسٽريٽجڪ اهميت کي واضع ڪري ٿو. اهو منظر نه رڳو خطي جي سياست، پر ڏکڻ ايشيا جي معيشت ۾ به هڪ وڏي تبديليءَ جي شروعات بڻجي سگهي ٿو.هتي اها ڳالهه به قابلِ ذڪر آهي ته آمريڪا پاڪستان سان ٿيل هن واپاري معاهدي ۾ درآمد ٿيندڙ شين تي سڀ کان گهٽ ٽئريف لاڳو ڪيو آهي، جيڪو ڀارت، ڪينيڊا، ميڪسيڪو ۽ ٻين وڏن واپاري ساٿين جي مقابلي ۾ انتهائي گهٽ آهي. هي رعايتي واپاري پاليسي ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته آمريڪا پاڪستان سان واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ پاڪستان جي معيشت کي سگهارو بڻائڻ ۾ سنجيده آهي. آمريڪي واپاري ڪميشن جي انگن اکرن مطابق، پاڪستان مان درآمد ٿيندڙ ڪيترين ئي شين کي "ڊيُوٽي فري” يا نهايت گهٽ ٽئريف جي سهولت ڏني وئي آهي، جيڪا معاشي طور تي هڪ وڏي رعايت آهي.جيڪڏهن معاهدي تي اثرائتي نموني سان عملدرآمد ڪيو ويو، ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جا نوان در کلي سگهن ٿا. توانائيءَ جي شعبي ۾ ترقيءَ سان صنعتي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو، ۽ هزارين نيون نوڪريون پيدا ٿينديون.

پاڪستان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان توانائيءَ جي بحران جو شڪار رهيو آهي. هي معاهدو پاڪستان کي پنهنجي قدرتي وسيلن کي استعمال ۾ آڻي خودڪفالت ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو. ان سان نه رڳو صنعتي ترقي تيزيءَ سان ٿيندي، پر ملڪ جي برآمدات ۾ واڌ، روزگار جا موقعا، ۽ سڌي سيڙپڪاريءَ جي واڌ جي ذريعي مجموعي قومي آمدنيءَ ۾ به نمايان اضافو متوقع آهي.مختصر طور، هي معاهدو پاڪستان لاءِ رڳو هڪ واپاري دستاويز نه پر معاشي آزادي، توانائيءَ جي خودمختياري، ۽ پرڏيهي لاڳاپن جي نئين واٽ جو نشان بڻجي سگهي ٿو. اهڙي وقت جڏهن دنيا جي واپاري پاليسين ۾ خطي وار لاڳاپن کي وڌيڪ اهميت ملي رهي آهي، پاڪستان لاءِ آمريڪا سان هي معاهدو هڪ اهڙو موقعو آهي، جيڪو ملڪ کي مالي بحران مان ڪڍي نئين راهه تي آڻي سگهي ٿو. آمريڪا سان مضبوط واپاري لاڳاپا پاڪستان لاءِ عالمي منڊين تائين بھتر رسائي جو وسيلو ثابت ٿي سگهن ٿا، جنهن سان نه رڳو برآمدات ۾ واڌارو ايندو پر ڪرنسي جي ذخيرن ۾ به بهتري ايندي.اهو معاهدو پاڪستان کي ٻيهر ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ اهم ۽ مرڪزي رانديگر طور اڀاري سگهي ٿو، خاص ڪري اهڙي وقت ۾ جڏهن آمريڪا ڀارت سان واپاري ڇڪتاڻ جو شڪار آهي، ته پاڪستان لاءِ اهو خلا پُر ڪرڻ جو هڪ ناياب موقعو موجود آهي.

هن معاهدي پاڪستان ۽ آمريڪا جي روايتي سيڪيورٽي بنياد تي بيٺل لاڳاپن کي هڪ نئين بُنياد ڏني آهي ـ يعني معاشي ڀائيواري جي بُنياد. ماضيءَ ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گهڻو ڪري عسڪري ۽ ڳجهن تعاونن جي چوڌاري ڦرندا رهيا، پر هاڻ معاشي ترقي، سيڙپڪاري ۽ توانائيءَ جي گڏيل منصوبن جي ذريعي انهن لاڳاپن جو مرڪز تبديل ٿي رهيو آهي.واپاري معاهدو هن ڳالهه جو اظهار آهي ته ٻئي ملڪ هاڻي هڪ ٻئي کي صرف جاگرافيائي يا عسڪري مفادن جي روشنيءَ ۾ نه پر گڏيل معاشي ترقيءَ جي ڀائيواري طور ڏسي رهيا آهن. اها نه رڳو هڪ مثبت تبديلي آهي پر ساڳي وقت پاڪستان جي خارجه پاليسيءَ جي ڪاميابي جو ثبوت به آهي.بيشڪ، هر وڏي معاهدي سان گڏ ڪجهه چئلينج به گڏ هوندا آهن. پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته اها شفافيت، سياسي استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائي ته جيئن آمريڪي سيڙپڪارن جو اعتماد قائم رهي. بيوروڪريسيءَ جي رڪاوٽون، قانوني پيچيدگيون، ۽ سست روي معاهدي جي واڌاري ۾ رنڊڪ بڻجي سگهن ٿيون. توانائيءَ جي شعبي ۾ ماحولياتي تحفظ ۽ مقامي برادرين جي حقن جو خيال رکڻ به انتهائي اهم هوندو.

پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيندڙ هي تازو واپاري معاهدو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين رخ ڏيڻ جي مڪمل سگهه رکي ٿو. هي معاهدو رڳو توانائي يا معيشت تائين محدود ناهي، پر ان جي ذريعي هڪ اهڙو پائيدار، متوازن ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل تعلق قائم ٿي سگهي ٿو، جيڪو سڄي خطي ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي آڻي سگهي ٿو.جيڪڏهن پاڪستان هن موقعو مان ڀرپور فائدو وٺي، ۽ معاهدي تي شفافيت ۽ ايمانداريءَ سان عمل ڪري، ته اهو معاهدو ايندڙ سالن ۾ پاڪستان کي نه صرف توانائيءَ جي عالمي دنيا ۾ نمايان حيثيت ڏئي سگهي ٿو، پر گڏوگڏ عالمي سطح تي ان جي وقار ۾ به نمايان اضافو ڪري سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.