سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر جي نوڪرين جو رزلٽ شايع ٿيو آهي، جنهن تي هڪ ڀيرو وري سوال اٿيا آهن. هن رزلٽ کي ڏسي دل رتورت ٿئي ۽ سوچڻ تي مجبور ٿجي ٿو ته اسان ڪهڙي سماج ۾ رهون پيا. اڄ جي نوجوان جي محنت، اميدن ۽ خوابن کي ڪهڙي طرح پيرن هيٺان لتاڙيو پيو وڃي. هن رزلٽ ۾ ميرٽ جي جنازي جو جيڪو تماشو ٿيو آهي، ان کان اها حقيقت چٽي ٿي آهي ته هتي غريب ۽ محنتي ماڻهن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي.
ڇا اهو صحيح آهي ته جيڪي شاگرد محنت ڪري امتحان ۾ وڌ کان وڌ نمبر کڻن ٿا، انهن کي انٽرويو ۾ فيل ڪيو وڃي ۽ اهي مايوسي جو شڪار ٿين؟ ڇا اهو سچ آهي ته جن وڏيرن ۽ جاگيردارن جي پٽن 60 لک رپيا ڀريا آهن، انهن کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اسان جي سماج ۾ انصاف ۽ برابري جو ڪهڙو مفهوم رهجي ٿو؟ محنت ڪندڙ غريبن جي محنت کي ڇو ٿو پيرن هيٺان لتاڙيو وڃي ۽ انهن جي حقن تي ڌاڙو ڇو ٿو هنيو وڃي؟
اڄ سنڌ جو نوجوان رڳو پنهنجي محنت تي ڀروسو رکي ٿو، پر هن ظالم نظام ۾ ان محنت جي ڪا به قدر ناهي. اسان جا شاگرد جيڪي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ راتيون جاڳي محنت ڪن ٿا، انهن جي محنت تي اهڙي طرح پاڻي ڦيري ڇڏيو وڃي ٿو جو سندن دلين ۾ مايوسي جو هڪ ڪارو دونهون ڇانئجي وڃي ٿو. اهو احساس ته انهن جي محنت، لڳن ۽ خوابن جي ڪا به حيثيت نه آهي، انهن کي پنهنجي مستقبل بابت سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو.
ايڊوڪيٽ ثناالله ڀنڊ