ڪئناڊا پاران آمريڪا تي معاشي طور ڀاڙڻ کان لاتعلقي

ٽورنٽو(عوامي آواز نيوز)ڪئناڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني چيو آهي ته ڪئناڊا لاءِ آمريڪا سان ڊگهي عرصي کان قائم معاشي لاڳاپا هاڻي ”ڪمزوري“ ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، جن کي درست ڪرڻ ضروري آهي۔عرب ميڊيا موجب، مارڪ ڪارني پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته دنيا هاڻي وڌيڪ خطري واري ۽ ورهايل ٿي وئي آهي، جڏهن ته آمريڪا واپاري پاليسي ۾ وڏي تبديلي آڻيندي محصولن ۾ نمايان واڌ ڪئي آهي۔ڪارني موجب ڪئناڊا  کي هاڻي ڪنهن هڪ ملڪ تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻو پوندو ۽ ٻين ملڪن سان معاشي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻا پوندا۔ان کان علاوه، فرانس جي صدر ايمانول ميڪرون ۽ مارڪ ڪارني ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کي عالمي قانونن جي ابتڙ قرار ڏنو آهي۔مارڪ ڪارني پنهنجي بيان ۾ 1812ع جي جنگ جو حوالو ڏيندي برطانوي ڪمانڊر  اساڪ بروڪ جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ڪئناڊا ماضي ۾ به اهڙن چيلينجن کي منهن ڏئي چڪو آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.