ڪراچي (پ ر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ فيصل آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پاران اپوزيشن ليڊر عمر ايوب،شبلي فراز،زرتاج گل وزير سميت پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آء) جي 196 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي 9 مئي جي من گھڙت ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڏھ ڏھ سال تائين قيد جون سزائون ٻڌائڻ کي عدالتي تاريخ جو ڪارو باب قرار ڏنو آهي،هن چيو ته اسان هن غير آئيني،غير منصفاڻي ۽ سياسي انتقام تي ٻڌل فيصلي کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا،هن فيصلي نام نهاد ڪينگرو ڪورٽ جي حقيقت کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سيد زين شاھ چيو ته 9 مئي جو واقعو هڪ منظم رياستي اسڪرپٽ تحت رچايل ڊرامو هو،جنهن جو مقصد سياسي قوتن کي چيڀاٽڻ ۽ اختلاف راءِ کي دٻائڻ هو، سيد زين شاھ مطالبو ڪيو ته انهن سڀني سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ٺاهيل ڪوڙا،جعلي ۽ بدنيتي تي ٻڌل ڪيس فوري طور تي ختم ڪيا وڃن ۽ انهن خلاف ڏنل سزائون رد ڪيون وڃن.