ڪنڊيارو(رپورٽ: محمد سومر گهانگهرو) محبت ديرو ۾ مبينا جنسي ڏاڍائي بعد قتل ٿي ويل ناري فائزا چنا جي ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ناري جو موت زهر واري شيءِ کائڻ سبب ٿيو آهي، پوسٽ مارٽم مهل به سندس وات مان جھاڳ گج وهي رهي هئي، هن جي جسم تي تشدد جا ڪي به نشان موجود نه هئا، جنسي زيادتي جي تصديق لاءِ نياڻي جي جسم مان جزا حاصل ڪري ليبارٽري موڪليا ويا آهن، جن جي رپورٽ هڪ کان ٻن مهينن ۾ اچي ويندي، ٻئي پاسي ايس ايس پي نوشهروفيروز روحل کوسو جي ڏنل بيانن موجب ناري فائزا جي قتل ڪيس ۾ جرڳو ڪندڙ وڏيري سميت ٽي جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن، جن مان ٻن جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته بااثر وڏيري کي به گرفتار ڪيو ويندو، اطلاعن موجب فيصلو ڪندڙ وڏيري عزيزالله ڏهراج گرفتاري کان بچڻ لاءِ نوشهروفيروز جي سيشن ڪورٽ مان ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي،